تيوڻو حفيظ

تيوڻو، حفيظ: مشھور سگهڙ شاعر حفيظ تيوڻي جو اصل نالو لال بخش، ذات جو تيوڻو هو، ڳوٺ ڏاتي تيوڻي تعلقي وارھہ ضلع لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. پاڻ بلڪل اڻ پڙهيل هو. جوانيءَ ۾ همت ڀريو شخص هو. سڄي عمر مينهون چاريائين. مينهن سان ايتري تہ محبت هوندي هيس، جو انهن کي مومل، هير، سھڻي ۽ سسئي وغيرہ جي نالن سان سڏيندو هو. ماتا جي بيماري ٿيس. جنهن ۾ اکين کان نابينا ٿي پيو ۽ اهڙو حال وٺي شاھہ گودڙيي تي وڃي رهيو ۽ دعائون گهرندو رهيو. هڪ روايت مطابق ارشاد ٿيس تہ ”تنھنجي دعا قبول پيئي، هاڻي تون موٽي وڃ ۽ تون لالو فقير نه، پر حفيظ آهين.“ اتان ڳوٺ اچي شاھہ گودڙيي جي ساراھہ م شعر چيائين. حفيظ تيوڻي جو جنم 1810ع ڌاري ٿيو. سندس ڪلام، بيتن، ڪافين ۽ مثنوين وغيرہ تي مشتمل آهي. پاڻ هڪ وڏو سگهڙ شاعر هو. بيتن ۾ چيل مومل راڻي جو قصو منڍ کان پڇاڙيءَ تائين تمام منفرد ۽ نرالي رنگ ۾ جوڙيائين. حفيظ جو ڪلام ”لعلو حفيظ“ جي نالي سان مرزا قليچ بيگ ڇپرايو هو، جنهن ۾ مومل راڻي بابت شعر ڇپيل آهن. هن قصي بابت حامد علي خانائي لکيو هو تہ: ”سموري قصي کي شاعر تفصيل سان نهايت سھڻي رنگ ۽ ڍنگ سان جوڙيو آهي، ان مان اصليت جي بوءِ پئي اچي ۽ منجهن مبالغو نظر ڪو نہ ٿو اچي. سمورو الميه داستان، درد ۽ سوز سان ڀريل آهي، هن ۾ عورت، مرد جي محبت ۽ قرباني جو ذڪر آهي، نہ صرف اهو پر ان مان سنڌي تھذيب ۽ تمدن، رسم و رواج ۽ مهمان نوازيءَ جهڙين خوبين جو پتو پوي ٿو. حفيظ تيوڻي جي وفات 1885ع ڌاري ٿي.
اڳي سندس ’مومل راڻي‘ وارا بيت درسي ڪتابن ۾ بہ شامل هئا، پر هن وقت درسي ڪتاب تبديل ٿيا آهن. ڪلام ۾ ”حفيظ تيوڻو“ ۽ ”لالو“ تخلص طور ڪم آندو اٿس. خاص و عام ۾ حفيظ تيوڻي جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. هڪ اندازي موجب 1890ع ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو