تَخلص: شاعر يا اديب جو ادبي لقب، مختصر نالو. هي رواج فارسيءَ مان اردو ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ داخل ٿيو. شاعر تخلص پنهنجي ڪلام جي آخر ۾ ڪم آڻيندا آهن. انهيءَ آخري شعر کي مقطع چئبو آهي. ايراني شاعرن ’تخلص‘ جي ايجاد پنجين هجريءَ ۾ ڪئي، جنهن جي تقليد سنڌي شاعريءَ ۾ به ڪئي وئي آهي. تخلص ڪٿي شاعر جي نالي جو جُز هوندو آهي ته ڪٿي نالي کان بلڪل الڳ اسم هوندو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي شاعرن مان ڪن جا تخلص اصل نالن سميت هيٺ ڏجن ٿا: ميرزا ٻڍل بيگ ”ٻڍل“، مرزا قليچ بيگ ”قليچ“، مرزا قاسم علي بيگ ”قاسم“، شيخ مبارڪ علي ”اياز“،مخدوم محمد زمان “طالب الموليٰ“، احمد شاهه '>سيد احمد شاهه ”استاد بخاري“، نور نبي ”تنوير“ عباسي، تاج محمد سمون ”تاجل بيوس“، محمد پريل پيرزادو ”انور“، خميسو خان ”خاڪي“ جويو، عبدالغفار ڀٽي ”تبسم“، عبدالڪريم ”ادل“ سومرو، امداد علي شاهه ”امداد“ حسيني، راشد علي شاهه ”راشد مورائي“، الهه بخش ”آڪاش“ انصاري، الهڏنو ڀنڀرو ”سوز هالائي“،محمد خان شيخ ”زيب سنڌي“، محمد رمضان لاشاري ”بردو سنڌي“، لائقڏنوٿيٻو”لائق سنڌي“ نيڪ محمد شاهه ”نثار حسيني“، اياز علي دل ”اياز گل“ تاج محمد ”تاج“ جويو، وغيره