تَمراڻي
تَمراڻي: تمر فقير، شاھہ لطيف جو هڪ مشھور فقير هو، جنهن شاھہ جي راڳ کي شاھہ کان پوءِ عام ڪيو، هن فقير جي اثر هيٺ ٻيا بہ ڪيترا فقير هئا، جيڪي سندس پوئلڳيءَ ۾ پاڻ کي ”تمراڻي“ چوائڻ لڳا، هڪ ٻيءَ روايت موجب تمراڻي، بلوچ هئا. بروهين ۾ جهالاواني قبيلي بزنجي مان پڻ ”تمراڻي“ هڪ پاڙي جو نالو آهن .