تُرَهو
تُرَهو: ڪکن، ڪانن ۽ ڪاٺين جو نوڙين ۽ رسين سان تر ٻڌي ٺاهيل هڪ قسم جو ويهڻ وارو ’منجو‘، جيڪو اڪثر ڍنڍن ۽ ڇڇن ۾، ٻيڙيءَ طور ڪم آندو ويندو آهي، شاھہ سائين ’تُرَهو‘ لفظ هن ريت بيان ڪيو آهي.
تُرَهو آڇ مَ تَنِ کي، جَنِ عِشقَ سين آگاهَ،
پُڇي مَسَ مَلاحَ، ساهَڙَ مَڻِي سُوهَڻِي.
(سُر سھڻي: شاهواڻي)