تڙ خواجا

تڙ خواجا: هيءُ ضلعي ٺٽي جي تعلقي جاتيءَ جو وڏي ۾ وڏو ڳوٺ آهي. هتي اسماعيلي خواجہ آباد آهن. هي قديم گونگڙي واھہ جي ڪپ تي آباد آهي، انهيءَ ڪري قديم وقت کان ”تڙ“ سڏجي ٿو. هي ڳوٺ باغن جي ڪري بہ مشھور آهي. هت ڪمند، انب ۽ بڪرُ جام ٿيندو آهي. مومل جي پيءُ راجا نند جي ڪوٽ جا دڙا هتان پنج ميل پري، اوڀر ۾، کارڙي درياھہ جي ڪپ تي آهن. هن وقت هي ڳوٺ پڃاري واھہ جي ڪپ تي آهي. هن ڳوٺ جي آبادي 2000 کان وڌيڪ آهي. خواندگيءَ جي شرح 100 سيڪڙو آهي. هن ڳوٺ ۾ هاءِ اسڪول، پرائمري اسڪول ۽ آغاخان مئٽرنٽي هوم بہ موجود آهي. معروف محقق، تعليمدان ۽ لسانيات جو ماهر پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا، اصل هن ڳوٺ جو آهي .


لفظ تڙ خواجاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو