تڪبير

تَڪبيرَ: خدا جي وڏائيءَ جو بيان. خدا تعاليٰ جي وڏائي بيان ڪرڻ جو فقرو ” اڪبر“. نماز ۾ ” اڪبر“ چوڻ. هيءُ واحد خدا جي عظمت جي اظهار ڪرڻ لاءِ ننڍي کان ننڍو جملو آهي. اسلامي معاشري ۾ تعاليٰ جي رحمت ۽ عنايت جو تصور تڪبير ذريعي ظاهر ڪيو ويندو آهي. جڏهن نبي سڳوري صلي عليہ وسلم کي وحيءَ جي ذريعي حبش جي شاھہ نجاشيءَ جي مرڻ جي خبر پئي تہ پاڻ سڳورن اصحابن کي اها خبر ٻڌائي ۽ مُصلي تي بيهي اصحابن جون صفون ڪرايون ۽ چار تڪبيرون هنيون. روايت آهي تہ نبي سڳورا صلي عليہ وسلم حج دوران ڪيترائي ڀيرا تڪبيرون پڙهندا هئا، يعني طواف جي شروع ۾، طواف جي وچ ۾، طواف جي آخر ۾، ۽ پوءِ جڏهن ڪعبو ڏسڻ ۾ ايندو هو، تڏهن، حجر اسود وٽ، ۽ مِنيٰ ۽ عرفات جي وچ ۾ ۽ صفا ۽ مروه وغيرہ وٽ. نماز شروع ڪرڻ کان پهرين، تڪبير پڙهڻ شروع ۾ مخصوص آهي، جنهن کي ”تڪبيرة الاحرام“ بہ چوندا آهن. پنجن ئي نمازن جي وچ ۾ ڪيترائي ڀيرا تڪبير چئي ويندي آهي. رڪوع ۾ وڃڻ، سجدو ڪرڻ ۽ سجدن مان اُٿڻ وقت وغيرہ. اهڙيءَ طرح تڪبيرن جا ٻيا بہ موقعا آهن. تڪبير وقت ماڻهو پاڻ کي ائين سمجهندو آهي، ڄڻ خدا جي راھہ ۾ قربان ٿي ويو. تڪبير وقت دل جون سموريون سوچون ۽ خيال ختم ڪري ڇڏڻا آهن. تڏهن تہ شاھہ لطيف چيو آهي:
جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناھہ سجود،
وڃائـي وجــــود، تـهـان پـوءِ تڪبيــر چئـو!


لفظ تڪبيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو