تَڪبيرَ: خدا جي وڏائيءَ جو بيان. خدا تعاليٰ جي وڏائي بيان ڪرڻ جو فقرو ”ﷲ اڪبر“. نماز ۾ ”ﷲ اڪبر“ چوڻ. هيءُ واحد خدا جي عظمت جي اظهار ڪرڻ لاءِ ننڍي کان ننڍو جملو آهي. اسلامي معاشري ۾ ﷲ تعاليٰ جي رحمت ۽ عنايت جو تصور تڪبير ذريعي ظاهر ڪيو ويندو آهي. جڏهن نبي سڳوري صلي ﷲ عليہ وسلم کي وحيءَ جي ذريعي حبش جي شاھہ نجاشيءَ جي مرڻ جي خبر پئي تہ پاڻ سڳورن اصحابن کي اها خبر ٻڌائي ۽ مُصلي تي بيهي اصحابن جون صفون ڪرايون ۽ چار تڪبيرون هنيون. روايت آهي تہ نبي سڳورا صلي ﷲ عليہ وسلم حج دوران ڪيترائي ڀيرا تڪبيرون پڙهندا هئا، يعني طواف جي شروع ۾، طواف جي وچ ۾، طواف جي آخر ۾، ۽ پوءِ جڏهن ڪعبو ڏسڻ ۾ ايندو هو، تڏهن، حجر اسود وٽ، ۽ مِنيٰ ۽ عرفات جي وچ ۾ ۽ صفا ۽ مروه وغيرہ وٽ. نماز شروع ڪرڻ کان پهرين، تڪبير پڙهڻ شروع ۾ مخصوص آهي، جنهن کي ”تڪبيرة الاحرام“ بہ چوندا آهن. پنجن ئي نمازن جي وچ ۾ ڪيترائي ڀيرا تڪبير چئي ويندي آهي. رڪوع ۾ وڃڻ، سجدو ڪرڻ ۽ سجدن مان اُٿڻ وقت وغيرہ. اهڙيءَ طرح تڪبيرن جا ٻيا بہ موقعا آهن. تڪبير وقت ماڻهو پاڻ کي ائين سمجهندو آهي، ڄڻ خدا جي راھہ ۾ قربان ٿي ويو. تڪبير وقت دل جون سموريون سوچون ۽ خيال ختم ڪري ڇڏڻا آهن. تڏهن تہ شاھہ لطيف چيو آهي:
جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناھہ سجود،
وڃائـي وجــــود، تـهـان پـوءِ تڪبيــر چئـو!