تُڪمو: آڳاٽي وقت ۾ صدري يا پهراڻ ۾ هٿ سان ٺهيل سُٽ جا ٻيڙا ٽاڪيندا هئا، جن کي ”سَرٽ“ به چوندا هئا. تُڪمو زنجيريءَ واري ڀرت سان بند هوندو هو ۽ چپٿري ڳوڙهي وانگر محسوس ٿيندو هو. هڪ قسم جو ٻُوٽو ۽ ان جو گُل، ”تُڪمي جو گل“ مشهور آهي.