تڪيو

تَڪِيو: فقيرن جي ويهڻ جي هنڌ يا آستاني کي ’تڪيو‘ چئبو. اهڙي آستاني تي فقير ڏيڍ فوٽ کن ڊگهي ڪاٺيءِ تي نرڙ رکي غور فڪر ڪندا، ڌيان لڳائيندا آهن. تڪيو لفظ، ’وهاڻي‘/ ’سرهاڻي‘ لاءِ به ڪم ايندو آهي، پر ان جي اصل معنيٰ آستانو آهي. شاهه لطيف، سُر رامڪليءَ ۾ ”تڪيو“ لفظ ان ئي معنيٰ ۾ ڪم آندو آهي:
ڪن ڪٽ،ڪاپٽ،ڪاپڙي،ڪن وَٽيا،ڪن چير،
ســـدا ويــهـن ســـامهـان، عــاشـق اُتــر هـيـــر،
تَـســا ڏيـئــي تَــن کــي، سـاڙيـائـون سـريـر،
جـي فنـا ڪيا فقيـر، هلو تڪيا پسون تن جا.


لفظ تڪيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو