تَڪيو ڪلامُ: اهو لفظ، جيڪو ڪوبه ماڻهو ڳالهائڻ ۾ وري وري ڪم آڻي (جهڙوڪ: ”سمجهئي نه“، ”چئبو ته“، ”سائينءَ کي چوان“، ”ٻيو مڙوئي خير“ وغيره) ته ان کي اُن شخص جو ”تڪيو ڪلام“ چئبو آهي. جڏهن گفتگوءَ ۾ لفظن جو ذخيرو کٽي ويندو آهي، يا مقصد جي ادائگيءَ لاءِ موزون لفظ نه ملي سگهندا آهن، ته ان وقت گفتگوءَ کي سلسلو ڏيڻ لاءِ ڪو لفظ از خود زبان تي چڙهي ايندو آهي، جيڪو غير ارادي طرح وري وري ادا پيو ٿيندو آهي. ڳالهائيندڙ کي اُن جو احساس به نه ٿيندو آهي. مثال طور: هڪڙي ماڻهوءَ جو پيءُ گذاري ويو، هاڻي ڀر واري گهر ۾ ڄاڻ ڪرڻ ويو ته، روئي به پيو ۽ ٻڌائي به پيو ته ”ادا! بابو صبح جو گذاري ويو آهي، ٻيو مڙيوئي خير!“ حالانڪ ان ۾ خير جي ڳالهه ئي ڪانه هئي، پر سندس تڪيو ڪلام هو ”ٻيو مڙيوئي خير“، جنهن کي اچارڻ لاءِ هو مجبور هو. ڪيترن ماڻهن جا مختلف لفظ يا فقرا تڪيا ڪلام ٿيندا آهن.