تڳئي فقير جي مزار

تڳئي فقير جي مزار

تڳئي فقير جي مزار

تڳئي فقير جي مزار: شھداد پور جو شهر، مير خان ٽالپر اول'>شھداد خان ٽالپر اول، ميان يار محمد ڪلهوڙي جي دؤر ۾ ٻڌايو هو. ان زماني ۾ خدا آباد ڪلهوڙن جي گاديءَ جو هنڌ هو. مير شھداد خان ٽالپر ۽ سندس پويان ان شھر ۾ رهندا هئا. انهن ميرن مان گهڻا شاهپور چاڪر جي مقام ۾ دفن ٿيل آهن،جنهن کي ”خان جا قبا'>شھداد خان جا قبا“ چوندا آهن. مير شھداد خان جي مزار کان اٽڪل پنجن ستن قدمن جي مفاصلي تي سندس والد مير نصير محمد خان ڄام نندي جي مزار آهي. ان مزار جي سامهون اترئين طرف هڪ وڏي عاليشان مسجد تعمير ٿيل آهي. هيءَ مسجد شريف مير ڄام نندي جي يادگيريءَ ۾ جوڙايل آهي. مير محمد نصير نندي جي مسجد جي اوڀر ۾ ٻہ سو کن قدم پري هڪ پڪين سرن جو ٺهيل چبوترو آهي. ڪلهوڙن جي زماني جهڙين جاين ۾ ڪتب آندل سرن جهڙيون تمام ننڍڙيون ۽ سنهڙيون سرون استعمال ڪيون ويون آهن. مٿان گچ جو گارو ٿيل آهي. هن چبوتري کي اڀرندي پاسي کان صرف هڪ دروازو آهي. ان چبوتري اندر تڳئي فقير جي ڊگهي تربت آهي. فقير صاحب بلوچ قبيلي مگسين مان هو. پاڻ وڏو صوفي، درويش، حال ۽ قال جو صاحب ٿي گذريو آهي. سندس ڪيتريون ئي ڪرامتون چيون وڃن ٿيون. روايت آهي تہ اهو چبوترو مير صاحبن تعمير ڪرايو هو ۽ مير صاحب سندس ڏاڍا معتقد هئا. ان ساڳئي چبوتري اندر فقير جي قبر جي ڀرسان هڪ ٻي بہ قبر آهي، جا سندس ڪنهن خاص مريد يا خليفي جي آهي.تڳيو فقير ڪلهوڙا دؤر جي مشھور شخصيت ٿي گذريو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو