تڳيو چانگ

تڳيو چانگ: تڳيي چانگ جو شمار حُر فقيرن جي ”ٻارهن ٻارهوٽين“ ۾ ٿيندو آهي. جن پهرين حُر تحريڪ ۾ انگريز سامراج خلاف جدوجھد ڪئي هئي. سندس پورو نالو تڳيو چانگ پٽ دوسو چانگ هو، هو ڳوٺ سماٿري تعلقي سانگهڙ جو ويٺل هو. سانگهڙ کان نوابشاھہ ويندڙ روڊ تي ڪجهہ پنڌ تي جهوڙي لئي وٽ 1898ع ۾ ”ليوڪس“ سان وڙهندي سِر ڏنو هئائين. ضلعي ڪائونسل سانگهڙ پاران 2008ع ۾ تڳيي چانگ ۽ ٻين شھيدن جي ياد ۾ ”جهُوڙي لئي“ وٽ زبردست يادگار اڏايو ويو آهي. يادگار تي شھيدن جي ويڙھہ ۽ جدوجھد جو سنڌيءَ، انگريزيءَ ۽ اردوءَ ۾ تفصيل بہ لکيو ويو آهي ۽ يادگار کي ننڍي چوديواري بہ ڏني وئي آهي، جتي ٻہ چار هزار ماڻهو ويهي جلسو ڪري سگهن ٿا .


لفظ تڳيو چانگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو