تڻوٽ جو تڙ

تڻوٽ جو تڙ: اٻاوڙي تعلقي، ضلعي گهوٽڪيءَ جي دنگ سان جيسلمير جي حد ۾ هڪ تڙ آهي، جنهن کي تڻوٽ جو تڙ سڏيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچرهاڻ هيرن کاڻ“، جلد نائين ۾ هن تڙ بابت هڪ قديم بيت ڏنو آهي:
اصل تڙ تڻوٽ هو، پوءِ کــوھہ کـڄـي کارو،
خـيـــر ڳــڙهـه، کيــنجهــو، ٽـيو تڙ سُتيارو،
ديـــھہ ڏيــــو ٿـَــري، پـتــڻ پيــنگهـارو،
ڍنڍَ کيروهي، تڏهن هو سھڻي ميهار جو وارو.
کارو کوھہ، کينجهو، پينگهارو ۽ ڍنڍ کيروهي بہ آسپاس جا تاريخي هنڌ آهن.


لفظ تڻوٽ جو تڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو