تَهجُد: لفظي معنيٰ ”سمهڻ ۽ جاڳڻِ“. شرعي اصطلاح ۾ اڌ رات ۽ فجر جي وچ ۾ نفل نماز پڙهڻ کي ”تھجد“ چون ٿا. هيءَ نفلي نماز آهي. هن ۾ وڌ ۾ وڌ ٻارهن ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻہ رڪعتون ٿين. قرآن مجيد ۾ خاص طور تي هن نماز بابت ترغيب ڏنل آهي ۽ حديثن مان بہ ثابت آهي تہ هيءَ نماز قربِ الاهيءَ جو ذريعو آهي .