
آشورين

مصر جا اهرام
تھذيب: جيتوڻيڪ اڪثر عالم ثقافت ۽ تھذيب ۾ فرق ڪرڻ مناسب نٿا سمجهن يا وري ڪو وڏو فرق نٿا سمجهن، پر ڪيترا عالم ٻنهي ۾ فرق ڪن ٿا. ڪن عالمن پنھنجي پنھنجي سوچ مطابق وصفون بيان ڪيون آهن. هڪ وصف آهي تہ پورهئي جي ورڇ ۽ ان جي نتيجي ۾ ماڻهن جا هڪ ٻئي سان لاڳاپا، عوامي اجتماعي پيداوار، جيڪا سڀني طبقن کي ملائي ترقيءَ جي رفتار ۾ واڌاري جو سبب توڙي فني، صنعتي، فڪري، آدرشي انقلاب جو ڪارڻ بنجي، تنهن کي تھذيب چئبو. ڪن جو خيال آهي تہ ثقافت ۾ لکت جو اضافو تھذيب آهي. ثقافت وانگر تھذيب کي انساني پيداوار (Production) يا تخليق (Creation) سمجهڻ مناسب نہ آهي. تھذيب ثقافت جي معياري پاسن يا پيداوار (ٻولي، لکت، فن، فڪر، آدرش، ڪاريگريءَ) جي سڌريل ۽ معياري صورت جو نالو آهي. تهذيب، ثقافت جي انهي پيداواري يا تخليقي حصي کي چئبو، جيڪا عوامي پسند ۽ ڀلائي لاءِ هجي ۽ اڪثر ماڻهو ان جي پٺڀرائي ڪندي سهمت هجن.
عربستان جي ريگستان مان نڪري، سامي قبيلا عراق جي دجلا، فرات واديءَ ۾ سمير جي مهذب ملڪ، ملڪيت ۽ وسيلن جا مالڪ بنيا. اهو تقريباً 4000 ق.م کان 3500 ق.م جو زمانو هو. هن علائقي ۾ 4000 ق.م کان پهريائين اڪاد/ اغاض (Akkad) پوءِ بابل جي تھذيب اسري، بعد ۾ آشورين (Assyrian) ۽ پوءِ ڪالدانين (Chaldean) هتي قبضو ڪيو. تقريباً 2500ق.م کان پوءِ امورين (Amorities)، ڪنعانين (Canaanities) ۽ فنيقين (Phoenicians)، شام ۽ لبنان سميت سموري زرخيز متمدن ۽ مهذب علائقن تي حڪومت ڪئي. اٽڪل 1500ق.م ڌاري آرميني (Aramaenes) شام ملڪ ۾ ۽ عبراني (Hebrew) قوم فلسطين ۾ آباد ٿي. اولھہ ايشيا ۾، شام، فلسطين عربستان ۽ عراق جا ملڪ مختلف سامي قبيلن جي قبضي هيٺ رهيا. حقيقت ۾ سامي تھذيب ۽ وحدانيت جي مذهبن جا بنياد عربستان جي سرزمين ۾ ملي سگهن ٿا، جتان تاريخ جي لڏپلاڻ واري اصول هيٺ اهي بنياد پکڙجي ٻين ملڪن ۾ اسريا. يمن مان سامي نسل جا ابا ڏاڏا ڳاڙهو سمنڊ ٽپي آفريقا جي اٿيوپيا (حبش) جي علائقي ۾ آباد ٿيا ۽ هڪ ڌار تھذيب جو آغاز ڪيائون. نسل ۽ ٻولين جي بنياد جي لحاظ کان سامي، يا سيميٽڪ (Semetic) لفظ جو تعلق جن قومن ۽ زبانن سان ظاهر ڪيو وڃي ٿو. اهي مصر، ميسوپوٽيا ۽ سنڌو ماٿري، دنيا جي قديم ترين تهذيبن جا مشھور علائقا آهن. سنڌو ماٿري جو علائقو آثار قديمہ جي تحقيقات مطابق عربي سمنڊ جي ڪناري سان ڪراچي کان 348 ڪلوميٽر اولھہ طرف ”سوتڪاجندور“ (Sutkagen Dor)، اتان اتر-اوڀر طرف ”سملا“ پهاڙين جي دامن ۾ اٽڪل 1409 ڪلوميٽر روپڙ (Rupar) تائين، جتان ڏکڻ طرف، ڪراچي کان 8.5 ڪلوميٽر ڏکڻ- اوڀر ۾ الهندي ڪناري سان ”ڪمبي جي نار (Gulf of Cambay) تائين ۽ اوڀر طرف، دهليءَ کان اتر ۾ 48 ڪلوميٽر جمنا وادي اندر، سنڌو ماٿري جي تھذيب جا ڀيتي آثار مليا آهن.
سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي هن وسيع تهذيبي علائقي ۾ سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب کان اڳ جا آثار قديمہ پڻ معلوم ڪيا ويا آهن. قديم بستيون نروار ڪيون ويون آهن. جن ۾ سوتڪاجندور، سوتڪا ڪوھہ، بالاڪوٽ، ٿاڻو بولا خان، ڪرچاٽ، شاھہ جو ڪوٽلو، الھڏنو ڳوٺ (لڳ ڪراچي)، ڏلھہ، آمري، چانهو دڙو، ڊمب، بٺي، گوربندي، غازي (گاجي) شاھہ، لوهري، ڳوٺ علي مراد، مٺو ديهيڻو، واهي پانڌي، لوهم جو دڙو، ڪوٽڏيجي، ڪوٽاسر، شاھہ ديفزئي، ميهي، مھر ڳڙھہ، موئن جو دڙو، وغيرہ اوائلي سنڌ جي علائقي ۾ واقع آهن. بھاولپور رياست (ڏکڻ پنجاب) ۾ يارهن پراڻا پڊ، پوءِ سانڌن والا کان ڪالي بينگن تائين ست آثار قديمہ جتان اتر طرف سنڌو ماٿري جو وڃايل درياھہ سرسوتي، يا گهگهر-هاڪڙو وهندو هو، اتان اتر-اوڀر طرف روپڙ (Rupar) يا ڪوٽلا نهنگ خان جا قديم آثار آهن، جنهن جي اتر ۾ راويءَ درياھہ، جنهن تي موجودہ شھر لاهور آباد آهي ۽ قديم زماني ۾ ٿورو هيٺ راوي جي ساڄي ڪپ تي ”هڙپا“ جو مهذب شھر آباد هو. روپڙ جي اتر- اولھہ ۾ ”بياس“ ندي وهندي هئي. ”هڙپا“ جي ڏکڻ، اولھہ طرف راوي ۽ جھلم ندين جو سنگم هو. اتان ٻئي گڏجي هيٺ سنڌو نديءَ ۾ ڀرتي ٿينديون هيون. اتان اتر-اولھہ طرف بلوچستان جي موجودہ علائقي ۾ ڪوئيٽا جي اوڀر طرف ”دبر ڪوٽ“ جو مضبوط قلعو هو. اتان سر اتر ”زوب“ ندي وهندي هئي.
سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب سمير ۽ ميسوپوٽيما جي قديم تهذيبن سان حيرت انگيز طور هڪ جهڙائي ڏيکاري ٿي. ترقي يافتہ شھري زندگي، چڪ تي مٽيءَ جا ٿانو ٺاهڻ جو هنر، کورن ۽ پڪين سرن جو استعمال، ٽامي ۽ ڪانجهي مان ٺهيل کائڻ پيئڻ جا ٿانو ۽ تصويري رسم الخط ٻنهي قديم تهذيبن، سنڌو ماٿري جي تھذيب ۽ سميري-اڪادي تھذيب جا عام عنصر آهن. ايلام ۽ ميسوپوٽيميا جي قديمي علائقي مان موهن جي دڙي جهڙيون ٻہ مهرون هٿ آيون آهن ۽ موئن جي دڙي جي لپي ساڳي چپري (Cuniform) لپي آهي، جيڪا ايلام ۽ ميسوپوٽيميا ۾ استعمال ٿيندي هئي. اهي ٽي قديم تهذيبون الڳ طور تي اڀريون يا هڪ ٻئي جون شاخون هيون، اهو سوال حل نہ ٿيو آهي. ٻيو اهم سوال هي آهي تہ قديم سنڌي تھذيب جو هندي آرين جي ويدانيتي تھذيب سان ڪهڙو تعلق رهيو آهي؟ بظاهر ٻنهي تهذيبن ۾ نمايان فرق نظر اچي ٿو، قديم سنڌي تهذيب، سڌريل شھري زندگي جي عڪاسي ڪري ٿي، جڏهن تہ ويدانيتي هندو آريائي تھذيب وسيع طور تي ٻھراڙيءَ جي زندگي سان وابستہ آهي. آريا لوھہ جي استعمال ۽ جنگي اوزارن ٺاهڻ ۾ ڀڙ هئا. جڏهن تہ سنڌي انهن کان ناواقف هئا. آرين گهوڙن جو ۽ سنڌين اٺن جو استعمال ڪيو ٿي. مذهبي عقيدن ۽ ريتن رسمن ۾ پڻ نمايان فرق معلوم ٿئي ٿو. ويدانيتي آريا ڳئون جي پوڄا ڪندا هئا ۽ سنڌي ڏاند (ڍڳي) جا پوڄاري هئا. سنڌين جو شو مهراج ۽ ماتا ديوي آرين جي مذهب ۾ موجود نہ هئا ۽ اهي لنگ پوڄا جي سخت خلاف هئا. اهڙي طرح قديم سنڌي تھذيب ويدانيتي هندو آريائي تھذيب کان مختلف ۽ انهيءَ کان آڳاٽي هئي. سنڌي تھذيب ٽئين سهسر ق.م سان تعلق رکي ٿي ۽ آريائي تھذيب جو تعلق ٻئي سهسر .ق.م سان آهي. تاهم اهو زماني جو تعين حتمي نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ ڪجهہ محقق رگ ويد جو زمانو ٽي هزار ق.م کان اڳ ڄاڻائين ٿا. بهرحال ايئن چئي نہ ٿو سگهجي تہ هندي آريائي تھذيب مان هند-سنڌ جون باقي تهذيبون اسريون آهن. قديم سنڌي تھذيب جو برصغير جي باقي تهذيبن جي اسرڻ ۾ نمايان ڪردار نظر اچي ٿو.