تهران جو نقشو

تهران جو نقشو

تھران

تھران: ايران جو تخت گاھہ، جنهن جو اصل عربي نالو ’طهران‘ هو، جيڪو فارسي ٻوليءَ ۾ مٽجي ”تھران“ ٿيو. هيءُ شھر پنھنجي وجود ۾ اچڻ کان ئي انقلابن جي زد ۾ رهيو آهي. موجودہ وقت ۾ تھران جي وڏي خوبصورتي اُتي جون عمارتون آهن، جن ۾ باغ ۽ گل ڦل آهن. شھر جي چوڌاري محل ۽ ڪشاديون جايون آهن، جيڪي قاچاري فن تعمير جون شاهڪار آهن. 1915ع تائين سڄي ايران ۾ هڪڙي ئي ”تھران ريلوي لائين“ هئي. ان زماني ۾ تهران، ايران ۾ مرڪزي حيثيت رکندو هو. مهرآباد (تھران جي الهندي طرف 5 ميلن جي پنڌ تي) هن وقت هڪ بين الاقوامي هوائي اڏو آهي، جيڪو دنيا جي وڏن اڏن سان ڳنڍيل آهي. ايران جي ملڪي نظام ۾ تھران جي حيثيت مرڪزي آهي. سال 1875ع ۾ ايران ۾ گئس جو ۽ 1905ع ڌاري بجليءَ جو استعمال شروع ٿيو. پهلويءَ حڪومت جي دور ۾، شھر اندر عوامي ڀلائيءَ جا ڪيترا ڪم شروع ٿيا. هن وقت تھران جي آدمشماري ڪروڙ کان وڌيڪ آهي. (وڌيڪ ڏسو: ايران )


لفظ تھرانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو