
تهمينه مفتي
تھمينه مفتي: شاعره، ڪهاڻيڪاره ۽ محقق ڊاڪٽر تھمينه مفتي، 7 جنوري 1953ع تي، نوابشاھہ شھر ۾ ڄائي. سندس تعلق شڪارپور جي مشھور مفتي خاندان سان آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪرڻ کان پوءِ ”سنڌي ڪهاڻيءَ جو سماجي ڪارج“ عنوان تي مقالو لکي، 1995ع ۾ پي. ايڇ. ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪيائين. هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ پروفيسر جي عهدي تي ڪم ڪري رهي آهي. سندس شاعري ۽ ڪهاڻيون مختلف رسالن ۾ شايع ٿينديون رهنديون آهن. شاھہ لطيف جي فن ۽ فڪر تي پڻ سندس ڪيترائي تحقيقي مقالا ڇپيل آهن.
تھمينه مفتيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو ’ڪٿا اپ ڪٿا‘، سينٽر فار پيس ائنڊ سوِل سوسائٽي حيدرآباد طرفان 2007ع ۾ ڇپرايو ويو آهي. ان ڪتاب ۾ ڊاڪٽر تھمينه جون ٽي پراڻيون ڪهاڻيون ۽ باقي نيون ڪهاڻيون ڏنيون ويون آهن، جيڪي وقت گذرڻ باوجود نڪور لڳن ٿيون. هنن ڪهاڻين ۾ جيڪو سماجي منظر پيش ڪيو ويو آهي، اهو اڄ بہ نظر اچي رهيو آهي. ڪتاب ۾ ڪل ست ڪهاڻيون آهن، جن مان هڪڙي ڪهاڻي ترجمو ٿيل آهي، ڪتاب جو مهاڳ نوجوان دانشور جامي چانڊئي لکيو آهي.
سندس شادي ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊاڪٽر پروفيسر سڪندر علي ميمڻ سان ٿيل آهي ۽ هن وقت، سنڌ يونيورسٽي ايمپلائيز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽيءَ ڄامشوري ۾ رهائش پذير آهي.