ثابت بن قيس: حضرت بن قيس'>ثابت بن قيس پاڻ سڳورن صلي ﷲ عليہ وسلم جو اصحابي هو، سندس ڪنيت ابو محمد ۽ لقب ”خطيب رسول ﷲ صلي ﷲ عليہ وسلم هو ۽ خزرج قبيلي مان هو. گهڻن ئي غزوات ۾ پاڻ سڳورن سان گڏ هو. 9ھہ/630ع ۾ بنو تميم جي وفد اڳيان هن پاڻ سڳورن جي حڪم سان جيڪو جوابي خطبو پڙهيو، اهو ٻڌي بنو تميم وارا دنگ رهجي ويا. 11ھہ/632ع ۾ جڏهن طليحه تي لشڪر ڪشي ڪئي وئي، تڏهن انصار حضرت بن قيس'>ثابت بن قيس جي قيادت ۾ هئا. جڏهن هڪ آيت نازل ٿي، جنهن ۾ مسلمانن کي پاڻ سڳورن صلي ﷲ عليہ وآله وسلم جي اڳيان تيز ڳالهائڻ کان تمام سخت منع ڪئي وئي، تڏهن حضرت قيس تمام گهڻو فڪر مند ٿي سر جهڪائي، پنھنجي گهر ۾ ويهي رهيو ۽ جڏهن اصحابن هن کان سبب پڇيو تہ هن روئي چيو تہ پاڻ سڳورن اڳيان جنگين ۾ آءٌ تمام تيز ڳالهائيندو هئس، انهيءَ ڪري ڏاڍو پريشان آهيان. جڏهن ان ڳالھہ جي خبر پاڻ سڳورن کي پئي تہ پاڻ فرمايائون تہ ”خدا جو قسم ثابت آءٌ توکي جنت جي بشارت ڏيان ٿو.“ حضرت بن قيس'>ثابت بن قيس 12ھہ/633ع ۾ هڪ ڪافر سان مقابلي ۾ شھيد ٿي ويو.