ثابت علي شاھہ ڪربلائيءَ جي مختصر سوانح حيات ( ڪتاب ):هيءُ ڪتاب مرزا عباس علي بيگ جو لکيل آهي . جنهن ۾ سنڌ جي پهرين مرثيہ گو شاعر سيد ثابت علي شاھہ جي زندگيءَ جو خاڪو پيش ڪيو ويو آهي . هن ۾ سيد ثابت علي شاھہ جي شخصيت ۽ ڪلام تي تفصيلي روشني وڌي وئي آهي ، ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب ۾ 55 صفحا آهن ۽ قيمت هڪ رپيو رکيل آهي . جنهن جو پهريون ڇاپو ، سيد احسان علي شاھہ ، پيرامائونٽ پريس حيدرآباد مان ، سال 1970ع ۾ ڇپايو .