ثافسيا: هي يوناني حڪمت جو هڪ وکر آهي ، جيڪو اڇي رنگ جو کؤنر ٿيندو آهي ، ڪي حڪيم هن کي ” ڪني ڪوهي جو کنؤر “ چوندا آهن . ڪي هن کي ڪنهن وڻ جو کنؤر چوندا آهن . اصل ۾ ثافسيا هڪ ٻوٽي آهي ، جنهن مان هي کنؤر نڪري ٿو . هن ٻوٽيءَ جا پن وڏفن جھڙا ٿيندا آهن . اڇن گلن ۽ ننڍن پنن جي هي ٻوٽي سواد ۾ ڪوڙي ۽ تيز ٿيندي آهي . ان جي پاڙ ٿلهي هوندي آهي . هن کنؤر جو مزاج گرم ۽ خشڪ هوندو آهي .