ثاني اثنين: جڏهن نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم مڪي کان مديني هجرت فرمائي تہ ساڻن حضرت ابوبڪر صديقرضه گڏ هو. قرآن مجيد ۾ هي واقعو ثاني اثنين جي ضمن ۾ سورت توبہ ۾ بيان ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ ٻڌايل آهي ته، ”اگر توهين هن جي مدد نٿا ڪريو تہ ﷲ کي پرواھہ نہ آهي. ڇو تہ ﷲ رسول صلي ﷲ عليہ وسلم جي ان وقت مدد ڪئي. جڏهن هن (حضور صلي ﷲ عليہ وسلم) کي ڪافرن ڪڍي ڇڏيو هو ۽ هُو ٻن مان هڪڙو هو. جڏهن هي ٻئي غار ۾ هئا تہ هن (حضور صلي ﷲ عليہ وسلم) پنھنجي ساٿيءَ کي چيو تہ فڪر نہ ڪر، ڇو تہ ﷲ اسان سان گڏ آهي.“