ثريا ”سوز“ ڏيپلائي: ثريا سوز ڏيپلائي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري خاتون ليکڪا ٿي گذري آهي. سندس اصلي نالو ثريا نسيم قاضي آهي. سندس جنم 25 نومبر 1945ع ۾ اهڙي گهر ۾ ٿيو، جتي علم، ادب ۽ انقلاب جا موضوع عام هئا. سنڌ جي عظيم قلمڪار محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي هن نياڻيءَ ننڍپڻ کان ئي علم ۽ ادب سان چاھہ رکيو. جيتوڻيڪ سندس وهانءُ ننڍپڻ ۾ يعني 1961ع ۾ ئي ٿيو، پر پوءِ بہ علم ۽ ادب سان سندس چاھہ برقرار رهيو. سنڌي ادب ۾ ماسٽرس ڪرڻ کان پوءِ هن”محمد عثمان ڏيپلائي ءَ جي ناول نگاري“ جي عنوان تي 1988ع ۾ ايم.فل ڪئي. ان کان پوءِ”محمد عثمان ڏيپلائي بطور سماج سڌارڪ“ جو موضوع چونڊي، ان تي پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. هوءَ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماڊل هاير سيڪنڊري اسڪول حيدرآباد ۾ ڪيترائي سال ليڪچرار رهي.
ثريا سوز لکڻ جي ابتدا، پنھنجي والد جي ادارت ۾ نڪرندڙ رسالي ”انسان“ کان ڪئي.’چالاڪيءَ‘ جي عنوان سان هڪڙي ڪهاڻي لکيائين پوءِ هڪ نظم، ”محنت صبح و شام ڪنداسين“ بہ تحرير ڪيائين. 1958ع ۾ تيرنهن ورهين جي ڄمار ۾ بيگم زينت عبدالله چنا جي ادارت هيٺ نڪرندڙ رسالي ” مارئي“ ۾ سندس شاعري شايع ٿي. ان دؤر ۾ جيئن تہ فارسيءَ جو اثر سنڌيءَ تي وڌيڪ هو، ان ڪري ان نظم جو نمونو ڪجهه هن طرح هو:
”اي نسيم، ٻڌان ٿي آواز آشنا
دل جي ڌڙڪن ۾ آهي ڪير پوشيده؟“
ان وقت هن جو تخلص’نسيم‘ هو. 1966ع ۾ ”ثريا“ ٻارن لاءِ مزاحيہ ادب بہ لکيو ۽ ”عبرت“ اخبار جي صفحي ” ٻارڙن جي ٻاريءَ“ طرفان پهريون انعام بہ کٽيو. ثريا بعد ۾ ”سوز“ تخلص اختيار ڪيو. هن نہ رڳو شاعري ڪئي، پر ڪهاڻيون ۽ ڪالم بہ تحرير ڪيا. هن 1973ع کان ”ملير ڊائجسٽ“ ۽ اخبار ”سنڌ ٽائيمس“ لاءِ ڪالم نگاري ڪئي.
هن چار ڀيرا ”زينت چنا“ ادبي انعام حاصل ڪيو. نثر ۾ ڪهاڻين ۽ مضمونن کان سواءِ هڪ ناول ”نيڻن ننڊ اڏائي“ بہ لکيائين ، جيڪو روزاني ”سنڌ ٽائيمس“ ۾ قسطوار ڇپيو. اخبارن ۾ سندس ڪالمن بعنوان ”سوچيان ٿي “ ڪافي مقبوليت حاصل ڪئي هئي،ثريا سوز ٻارن لاءِ ڪهاڻيون بہ لکيون، جن جو هڪ مجموعو ”چمڪندڙ چنڊ“اپريل 1985ع ۾ ’روشن تارا ساهت سرڪل‘ حيدرآباد پاران ڇپجي چڪو آهي. ثريا سوز ڏيپلائيءَ 14 سيپٽمبر 2004ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.
1945.11.25 عيسوي
ثريا سوز ڏيپلائي 25 نومبر 1945ع ۾ جنم ورتو
2004.09.14 عيسوي
ثريا سوز ڏيپلائي 14 سيپٽمبر 2004ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي