ثعلبيه

ثعلبيه: ثعلبيه ان هنڌ جو نالو آهي جتي حضرت امام حسين عليہ السلام 22 ذوالحج 60 ھہ/12 سيپٽمبر 681ع ۾ سفر دوران اچي چند ساعتون ترسيو هو ۽ اتي ئي کين حضرت مسلم ۽ حضرت هاني جي شهادت جي خبر پئي. ثعلبيه اهو هنڌ آهي جيڪو مڪي وڃڻ وارن جي رستي ۾ شقوق واري هنڌ کان پوءِ اچي ٿو. هتي بني اسد قبيلي جي ثعلبه نالي هڪ شخص پاڻي جو ذخيرو جمع ڪيو هو انهيءَ ڪري هن مقام کي ثعلبيه چون ٿا. ثعلبيه ۾ اچڻ بعد حضرت امام حسين عليہ السلام کي بني اسد قبيلي جي هڪ شخص بڪر بن شعبه حضرت مسلم ۽ حضرت هاني جي شهادت جو سڄو اکين ڏٺو احوال ٻڌايو، جنهن بعد امام حسين گهڻائي دفعا انا لله وانا اليه راجعون جو ڪلمو پڙهيو ۽ چيائين تہ بيشڪ حق ۽ باطل جو معرڪو ٿيندو ۽ فتح حق جي ٿيندي.


لفظ ثعلبيهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو