ثقفي حجاج بن يوسف

ثقفي، حجاج بن يوسف: حجاج بن يوسف (41 ھہ/661ع-95ھہ/714ع) بنو اميه جو هڪ جابر گورنر هو ۽ محمد بن قاسم جي چاچي ۽ سهري طور پڻ مشھور آهي، فتحنامه سنڌ عرف چچ نامي جو مصنف لکي ٿو تہ محمد بن قاسم حجاج بن يوسف جو سئوٽ ۽ ناٺي هو، پر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ان ڳالھہ تي اختلاف ڪندي ضميمي ۾ شجرو ڏئي اهو ڄاڻايو آهي تہ محمد بن قاسم، حجاج جو سئوٽ نہ بلڪہ حجاج جي سئوٽ جو پٽ هو ۽ ناٺي ان ڪري نہ ٿيو، جو حجاج کي ڪا بہ ڌيءَ نہ هئي. محمد بن قاسم جي موت بابت فتح نامہ سنڌ جو مصنف لکي ٿو ته، ”خليفي وليد بن عبدالملڪ ڏي جڏهن محمد بن قاسم راجا ڏاهر جون ٻہ ڌيئرون (پرمل ديو ۽ سوريا ديو يا سورج ديو) يرغمال بڻائي موڪليون، تڏهن خليفو وليد تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ پنھنجي ترجمان جي مدد سان پهرين وڏي ڀيڻ کي پاڻ وٽ گهرائي گفتگو ڪرڻ لڳو، خليفي وليد هن کان نالو پڇيو تہ هن پنهنجو نالو ”سوريه ديوي“ ٻڌايو ۽ جڏهن سوريه ديوي پنهنجو منهن کولي خليفي ڏي ڏٺو، تڏهن خليفو هن جو حسن ۽ جمال ڏسي چريو ٿي پيو ۽ هن جي خونخوار ناز و ادا خليفي جي دل کان صبر کسي ورتو. خليفي جيئن ئي سوريه ديوي کي هٿ وجهي پاڻ ڏي ڇڪيو تہ هيءَ يڪدم اٿي بيهي رهي ۽ چيائين تہ امير محمد بن قاسم اسان ٻنهي ڀينرن کي ٽي ڏينهن پنھنجي حرم سراءِ ۾ رکي پوءِ هتي دارالخلافت جي خدمت لاءِ موڪليو آهي. شايد توهان جو دستور ايئن هجي؟ خليفو وليد اهو ٻڌي ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. هڪ فرمان پنھنجي هٿ سان محمد بن قاسم ڏي لکي موڪليائين ته، ”محمد بن قاسم جتي بہ پهتو هجي تہ کيس گهرجي تہ پاڻ کي ڪچيءَ کل ۾ بند ڪري دارالخلافت ڏانهن واپس ٿئي“. محمد بن قاسم حڪم جي تعميل ڪئي ۽ سندس اميرن اوڌاپور ۾ محمد بن قاسم کي ڪچيءَ چمڙي ۾ بند ڪري صندوق ۾ رکائي روانو ڪيو. محمد بن قاسم دارالخلافت پهچڻ کان اڳ ئي وفات ڪري ويو ۽ جڏهن صندوق خليفي وليد جي سامهون آئي، تڏهن خليفي راجا ڏاهر جي ڌيئرن کي سڏي چيو تہ ڏسو اهو ئي آهي نہ؟ ان تي ٻنهي ڀينرن خليفي کي چيو تہ محمد بن قاسم تہ اسان جي پيءُ ۽ ڀاءُ وانگر هو، اسان کي تہ صرف پنھنجي پيءُ جي قاتل کان وير وٺڻو هو. اهو ٻڌي خليفي کي تمام گهڻي ڪاوڙ لڳي ۽ افسوس وچان پنھنجي هٿ جي پٺيءَ کي چڪ وجهڻ لڳو ۽ راجا ڏاهر جي ٻنهي ڌيئرن کي ڀت ۾ لنبرائي ڇڏيائين.“
حجاج بن يوسف ثقفي 41 ھہ/ 661ع ۾ طائف ۾ پيدا ٿيو. هن جو بنو ثقيف جي هڪ شاخ احلاف سان تعلق هو. هن جي والدہ بنو ثقيف جي قبيلي مان هئي ۽ مغيره بن شعبه جي طلاق يافتہ زال هئي. حجاج هڪ غريب گهراڻي ۾ پيدا ٿيو، جن جو پيشو پٿر ٽوڙڻ هوندو هو. حجاج، عبدالملڪ جي ابتدائي دور ۾ طائف کان دمشق آيو، جتي کيس فوج ۾ ڀرتي ڪيو ويو ۽ جلد ئي کيس فوج جو سپھہ سالار مقرر ڪيو ويو. حجاج جي قيادت ۾ سڀ کان پهرين لڙائي عبدالله ابن زبير جي لشڪر سان ٿي. حجاج لڙائيءَ دوران ڪعبة ۽ حاجين تي پٿر وسرايا ۽ جڏهن عبدالله بن زبير جنگ ۾ قتل ٿي ويو ۽ مڪي تي حجاج جو قبضو ٿي ويو، تڏهن عبدالملڪ هن کي حجاز، يمن ۽ يمامه جي گورنري عطا ڪئي. 75 ھہ/694ع ۾ حجاج کي جڏهن عراق جو گورنر مقرر ڪيو ويو تہ هن اتي ظلم ۽ تشدد جي انتها ڪري ڇڏي، انهيءَ زماني ۾ حجاج ۽ انس بن مالڪ جي وچ ۾ جهڳڙو ٿيو، جيڪو خليفي عبدالملڪ وچ ۾ پئي ختم ڪرايو. چيو وڃي ٿو تہ حجاج ڪوفي ۽ بصري کان علاوہ خراسان ۾ ايڏو تہ ظلم ۽ تشدد ڪيو، جو درياهن ۾ پاڻيءَ بدران خون وهڻ لڳو. عبدالملڪ کانپوءِ جڏهن وليد تخت نشين ٿيو، تڏهن هن حجاج کي سڀ اختيار ڏئي ڇڏيا. انهيءَ دؤر ۾ حجاج، محمد بن قاسم کي سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو. پر سنڌ جي راجا ڏاهر پنھنجي وطن سنڌ ڌرتي جي حفاظت ڪندي پنھنجي جان ڏني. بنو اميه جي هن ظالم ۽ تشدد پسند گورنر 52 سالن جي ڄمار ۾ 95 ھہ/714ع ۾ وفات ڪئي. المسعودي هن جي موت جو سبب معدي جي ڪينسر ڄاڻايو آهي. هن جي قبر کي بيحرمتيءَ کان بچائڻ خاطر هن جي قبر جو نالو نشان ئي ختم ڪيو ويو. حجاج هڪ ظالم ۽ تشدد پسند گورنر هو. حضرت علي ڪرم وجهہ جي وفادار ۽ جانثار صحابي حضرت قنبررضه کي هن بيڏوھہ شھيد ڪرايو. حضرت قنبر جو اولاد قنبراڻي ذات سان مشھور آهي ۽ سنڌ جو جانثار سپه سالار هوش محمد پڻ قنبراڻي هو. ان کانسواءِ ڪيترن ئي رسول صلعم ۽ اُن جي آل جي پيروڪارن کي شھيد ڪيائين. ’تازن معرڪن جي تاريخ‘ ڪتاب ۾ نياز همايوني صاحب لکي ٿو ته، ”خليفي بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز کان روايت آهي تہ دنيا جي سڀني ظالمن کي ترازوءَ جي هڪ پڙ ۾ ۽ ٻي پڙ ۾ حجاج بن يوسف کي رکي توريو وڃي تہ حجاج بن يوسف ئي ڳرو ٿيندو.“ اموي حڪومت جي هن انصاف پسند بادشاھہ بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز اچڻ سان ئي اموي بادشاهن جي ظلمن ۽ زيادتين کي مد نظر رکندي رعايا تي ظلم ۽ تشدد بند ڪرائي انصاف ۽ رحمدليءَ کي عام ڪيو. هن حجاج جي پوري خاندان کي جلاوطن ڪري ڇڏيو. هن جي والدہ عاصمه حضرت عمر فاروق جي پوٽي هئي. هن ئي غضب ٿيل باغ فدڪ اهلبيت کي واپس ڪيو.
خلافت و ملوڪيت‘ ۾ مولانا مودودي لکي ٿو ته، ”حجاج بن يوسف کي هن جي عاملن لکيو تہ ذمي (اهي غير مسلم جيڪي اسلامي رياست ۾ رهي جزيو ڀرين) ڪثرت سان مسلمان ٿي بصري ۽ ڪوفي ۾ آباد ٿي رهيا آهن، جنهنڪري ڏن ۽ جزيي (غير مسلمانن مٿان ٽيڪس) جي آمدني گهٽجي وئي آهي. ان تي حجاج هڪدم فرمان جاري ڪيو تہ انهن ماڻهن کي شهرن مان ڪڍيو وڃي ۽ انهن تي اڳ وانگر جزيو هنيو وڃي. هن حڪم جي تعميل ۾ جڏهن اهي نؤمسلم بصري ۽ ڪوفي مان ڪڍيا پئي ويا تڏهن هو وا محمدا!، يا محمدا! پڪاريندا، روئندا ويندا رهيا ۽ انهن کي سمجهہ ۾ نٿي آيو تہ هو هن ظلم جو ڪٿي وڃي فرياد ڪن. ان کانسواءِ هن ڪيترن عالمن ۽ بزرگن کي بيڏوھہ قتل ڪرايو. حجاج پنھنجي دؤر ۾ عدالتي فيصلن بغير گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک ويھہ هزار قيدي قتل ڪرايا. هڪ ٻئي هنڌ مودودي صاحب لکي ٿو ته، ”ڪوفي ۾ حجاج بن يوسف جو حڪم ٿيل هو تہ عرب کانسواءِ ڪو بہ شخص نماز ۾ امام (پيش امام) نہ بنايو وڃي. عبدالله بن زبير ۽ ان جي ساٿين (عبدالله بن صحفوان ۽ عماره بن خرم) جا سر مبارڪ ڪٽي مڪي کان مديني ۽ پوءِ اتان دمشق روانا ڪيا ويا، هر جاءِ تي انهن جي سرن جي نمائش ڪئي وئي ۽ مڪي ۾ انهن جي لاشن کي سوليءَ تي لٽڪايو ويو، تان جو هنن جا لاش ڳري سڙي ويا. اڳتي مودودي صاحب لکي ٿو تہ قرائت جو مشھور امام عاصم بن ابي النجود چوي ٿو تہ ’ جي منع ڪيل ڪمن مان ڪو بہ اهڙو نہ رهيو، جيڪو حجاج نہ ڪيو هجي.‘ حجاج حضرت بن مالڪ رضہ'>انس بن مالڪ رضہ ۽ حضرت سھل بن سعد جهڙن بزرگن کي گاريون ڏنيون ۽ انهن جي ڳچين تي مهرون لڳايون. حجاج جڏهن مري ويو، ان وقت سندس قيدخاني ۾ 80 هزار قيدي بيڏوهي قيد ۾ سڙي رهيا هئا.“
حجاج بن يوسف کي عبدالملڪ ۽ ان جي پٽ وليد جي دؤر ۾ کلم کلا ظلم و تشدد جي موڪل هئي، انهي ڪري عبدالملڪ مرندي وقت پنھنجي اولاد کي وصيت ڪئي هئي ته، ”حجاج بن يوسف جو هميشہ لحاظ رکجو، ڇو تہ هن ئي اسان جي سلطنت کي (ظلم ۽ زيادتي سان) هموار ڪيو آهي.“ بنو اميه طرفان مقرر ڪيل ظالم گورنر حجاج 95ھہ/714ع ۾ 52 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو