ثقفي، مختار رضہ: مختار ثقفي، بني ثقيف جي خاندان مان هو. سندس پورو نالو مختار بن ابي عبيده ثقفي هو ۽ سندس ولادت 1 ھہ/ 622ع ۾ بنو ثقيف گهراڻي ۾ ٿي. هن جي حضرت علي عليہ السلام جي سايي ۾ پروروش ٿي ۽ هڪ دفعي مختار کي حضرت علي عليہ السلام پنھنجي هنج ۾ کڻي فرمايو ته، ”اي عقلمند مختار! تون لاتعداد ڪافر في النار ڪندين“ مختار ثقفيءَ جو چاچو سعد بن مسعود حضرت علي عليہ السلام طرفان مدائن جو حاڪم مقرر هو ۽ جڏهن امير معاويه ان کي هٽائي مغيره بن شعبه کي حاڪم ڪيو تہ مختار مديني اچي رهيو. مطلب تہ مختار ثقفي ڪڏهن مديني تہ ڪڏهن ڪوفي ۾ پيو رهندو هو. تان جو امير معاويه کانپوءِ سندس پٽ يزيد تخت تي ويٺو ۽ جڏهن حضرت مسلم بن عقيل، حضرت امام حسين عليہ السلام جو سفير ٿي ڪوفي آيو تہ مختار ان کي پنھنجي گهر ۾ پناھہ ڏني.
حضرت مسلم جڏهن ڪوفي ۾ هو، تڏهن عبيد ابن زياد، مختار ثقفيءَ کي سڏائي چيو ته، تون اسان جي دشمن حسين ابن عليءَ جي سفير کي پناھہ ڏئي ان جي بيعت ڪئي آهي. مختار دليرانہ انداز ۾ جواب ڏنو تہ ها ”آءٌ حق جي طرف آهيان.“ ان تي ابن زياد، مختار کي قيد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. مختار کي جنهن زندان ۾ قيد ڪيائون، اتي جناب ميثم تمار رضي ﷲ عنه پڻ قيد هو. وڏين جفاڪشين سان هڪ معلم ذريعي جيڪو قيد ۾ هو ۽ پوءِ آزاد ٿيو. مختار ٻہ خط عميره ڏي موڪليا. جن مان هڪ پنھنجي ڀيڻ ۽ ٻيو پنھنجي ڀيڻيوي عبدالله ابن عمر ڏانهن موڪليو. مختار جي ڀيڻ جي اصرار تي عبدالله ابن عمر انهيءَ وقت هڪ خط يزيد ابن معاويه جي نالي لکي عميره جي هٿان سڌو دمشق موڪليو. يزيد خط پڙهندي ئي هڪ فرمان ابن زياد جي نالي جاري ڪيو، جنهن ۾ مختار جي آزاديءَ جو حڪم هو. مختار کي آزاد ڪيو ويو، پر افسوس جو ڪربلا جو دردناڪ واقعو ٿي چڪو هو، يعني حضرت امام حسين عليہ السلام ۽ شهداءِ ڪربلا شھيد ٿي چڪا. سو مختار سڌو ڪربلا آيو ۽ حضرت امام حسين عليہ السلام جي تربت جي زيارت ڪري چوڻ لڳو ته، ”منهنجا مظلوم آقا! آءٌ اوهان جي جد (حضور صلي ﷲ عليہ وآله وسلم) جو قسم کڻي عھد ٿو ڪريان تہ جيستائين اوهان جي قاتلن کي ختم نہ ڪندس، تيستائين سک سان نہ ويهندس.“
مختار اهو عھد ڪري ڪوفي ۾ محبان اهلبيت کي گڏ ڪرڻ لڳو، اها خبر جڏهن عبيد ابن زياد کي پهتي، تڏهن هن وري مختار کي گرفتار ڪرايو، پر هن دفعي بہ عبدالله بن عمر، مختار کي آزاد ڪرائي ورتو.
مختار ثقفي ڪوفي ۾ لشڪر تيار ڪرڻ ۾ لڳي ويو، ڪجهہ ماڻهن مديني وڃي حضرت محمد حنفيہ کان پڇيو تہ مختار صحيح آهي يا غلط؟ محمد حنفيہ جواب ڏنو ته، ”ان کي خدا هن امر خير جي توفيق عطا ڪئي آهي.“ محمد حنفيہ جي تصديق بعد مختار ثقفيءَ جو لشڪر وڌيڪ جمع ٿيڻ لڳو. ابراهيم بن مالڪ اشتر جيڪو وڏو شجاع ۽ بيمثل جنگجو هو، اچي مختار سان گڏيو. اهڙيءَ طرح 14 ربيع الثاني 66ھہ (18 نومبر 685ع) ۾ مختار شهداءِ ڪربلا جي قاتلن تي حملا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا. اياس بن مضارب کي قتل ڪرڻ کانپوءِ مختار جي لشڪر ۽ ڪوفي جي حاڪم عبدالله بن مطيع جي لشڪر جي وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ مختار کي فتح نصيب ٿي. ڪوفي جو حاڪم ٿيندي ئي مختار لشڪر جو سپھہ سالار ابراهيم بن مالڪ اشتر کي ڪيو ۽ ڪوفي جي خزاني مان هٿ لڳل مال غنيمت جو گهڻو حصو غريبن ۽ مسڪينن ۾ ورهائي ڇڏيائين. بن مروان'>عبدالملڪ بن مروان، جيڪو شام جو حاڪم هو. ان ابن زياد کي اسي هزار لشڪر سان ڪوفي موڪليو تہ وڃي مختار کي زير ڪري، جڏهن ابراهيم پنھنجي فوج سان گڏ ابن زياد جي مقابلي لاءِ روانو ٿيو، تڏهن پويان ڪوفي ۾ قاتلان حسين سازشون ڪرڻ لڳا. شيث بن ربعيءَ جي گهر ۾ عمر سعد، شمر ذي الجوشن ۽ محمد بن اشعث جي سربراهيءَ ۾ لشڪر تيار ٿيو.
مختار ثقفيءَ کي جڏهن هن ڳالھہ جي خبر پئي تڏهن يڪدم هڪ قاصد ابراهيم بن مالڪ اشتر ڏانهن واپس اچڻ لاءِ موڪليائين، ابراهيم اڌ تان ڪوفي واپس اچي شهداءِ ڪربلا جي قاتلن تي حملو ڪيو، ان معرڪي ۾ ڪافي ظالم قتل ٿي ويا ، جنهن کانپوءِ ابراهيم بن مالڪ پنھنجي مھم تي روانو ٿيو.
ابراهيم بن مالڪ اشتر منزلون طئي ڪندو هڪ قلعي وٽ پهتو ۽ ابن زياد سان جنگ جي تيارين ۾ لڳو رهيو. تان جو نھر خازر وٽ ابن زياد ۽ مختار ثقفي جي لشڪر جي وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ مختار ثقفي جي سپھہ سالار ابراهيم بن مالڪ اشتر کي فتح نصيب ٿي ۽ هن پنھنجي هٿن سان عبيد ابن زياد کي قتل ڪيو ۽ سر مختار ڏي موڪليو. مختار ثقفي، ابن زياد جو سر ڏسندي ئي غصي ۾ اچي ۽ اهو چئي تہ ”تو حضرت محمد مصطفيٰ صلي ﷲ عليہ وسلم جي ڏوهٽي امام حسين کي شھيد ڪرايو“ مٿو چپي ڇڏيائينس ۽ بعد ۾ ابن زياد ۽ ٻين قاتلن جا سر شھر ۾ لٽڪايا ويا.
ابراهيم بن مالڪ اشتر جڏهن عبيد ابن زياد سان جنگ ڪرڻ لاءِ ويو هو. تڏهن پويان ڪوفي ۾ مختار ثقفي حضرت امام حسين عليہ السلام ۽ شهداءِ ڪربلا جي قاتلن کي ڪوفي ۾ ڳولي ڳولي اذيت ناڪ موت ڏيندو ويو.
مختار ثقفيءَ جي ايڏين وڏين ڪاميابين بعد عبدالله بن زبير ڪثير لشڪر سان اچي مختار تي حملو ڪيو. جنگ هلندي رهي، گهڻن ڏينهن کانپوءِ جڏهن مختار جو لشڪر مارجي ويو، تڏهن بہ پاڻ همت نہ هاريائين بلڪ هزارن جي لشڪر سان پاڻ پنھنجي ٻن سؤ سپاهين سان گڏ وڙهڻ لاءِ نڪري پيو ۽ انهيءَ ڏينهن شھيد ٿي ويو. مختار ثقفيءَ جي شهادت 14رمضان 67 ھہ/ 686ع ۾ ٿي. سندس مزار ڪوفي ۾ آهي. حضرت مسلم بن عقيل جي روضي مان ٻاهر نڪرندي ئي حضرت مختار ثقفيءَ جو قبو آهي. جيڪو اڄ تائين هر خاص ۽ عام جي زيارت لاءِ موجود آهي.
حضرت مختار بن ابي عبيده ثقفي جي مڪمل احوال تي ’مختار نامہ‘ جي نالي سان فارسيءَ ۾ هڪ قديم ڪتاب لکيل آهي. سنڌ جي محقق، اديب ۽ شاعر مير علي شير قانع ٺٽويءَ هڪ فارسي مثنوي ’مختار نامہ‘ جي نالي سان لکي آهي، ان کانسواءِ سنڌ جي آخري تاجدار مير محمد نصير خان ٽالپر پڻ هڪ فارسي مثنوي ’مختار نامہ‘ جي نالي سان لکي آهي، هي ٻئي فارسي مثنويون اڻڇپيل آهن. سنڌيءَ ۾ مير محمد حسن علي خان ٽالپر هڪ مثنوي ’مختار نامہ‘ جي نالي سان چئي ٻن جلدن ۾ (پهريون جلد 1892ع ۾ ۽ ٻيو جلد 1895ع ۾) ۾ شايع ڪرائي هئي. ان کانسواءِ سنڌي نثر ۾ ”مختارنامو“ مرزا ٻڍل بيگ لکيو آهي. مير حسن علي خان ٽالپر جي سنڌي مثنوي ”مختار نامہ“ صفدر حسين ميرزا ’سيفي‘ مرتب ڪري چڪو آهي. شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ پڻ مختار ثقفي جي احوال بابت هڪ ڪتابچو ’مختار ثقفيءَ عليہ رحمة‘ جي نالي سان لکيو، جيڪو ’صراط المستقيم‘ رسالي ۾ 1928ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي.
0622.00.00 عيسوي
ثقفي مختار رضه جي ولادت 1 هه/ 622ع ۾ بنو ثقيف گهراڻي ۾ ٿي
0686.09.14 هجري
مختار ثقفيءَ جي شهادت 14رمضان 67 هه/ 686ع ۾ ٿي