ثمامه رضہ بن آثال

ثمامهرضه بن آثال: حضرت ثمامهرضه ولد آثال ڪنيت ابو امامه آهي. هو يمامه جي سردارن ۾ پنھنجي دور جو مشھور شاعر هو. مڪي جي فتح ٿيڻ کان ڪجهہ ڏينهن پهرين هن کي هڪ اسلامي جماعت گرفتار ڪري مسجد نبويءَ جي ٿنڀي سان ٻڌي ڇڏيو. مسجد نبويءَ ۾ جڏهن حضرت محمد صلي عليہ وسلم تشريف فرما ٿيا تہ پاڻ پڇيائون تہ ثمامه رضہ ڇا ٿيو؟ هن جواب ڏنو تہ سٺو ٿيو. جيڪڏهن مونکي قتل ڪندؤ تہ هڪ جاندار کي ختم ڪندو ۽ جيڪڏهن احسان ڪري ڇڏي ڏيندو تہ هڪ احسان شناس تي احسان ڪندو. حضرت صلي عليہ وسلم ثمامه کي ڇڏي ڏنو، جنهن کان پوءِ هو مسجد نبويءَ جي ويجهو هڪ نخلستان ۾ ويو، جتان وهنجي واپس مسجد نبويءَ آيو ۽ ڪلمه شهادت پڙهيائين. هن پاڻ سڳورن کي عرض ڪيو تہ مان عمري جي قصد لاءِ نڪتو هوس تہ توهان جي سوارن مونکي پڪڙي ورتو، هاڻي ڇا حڪم آهي. پاڻ سڳورن فرمايو تہ عمرو ادا ڪر. ثمامه مڪه مڪرمه ۾ عمرو ادا ڪيو ۽ اعلان ڪيو تہ هاڻي حضور صلي عليہ وسلم جي اجازت کان سواءِ ڪڻڪ جو هڪ داڻو بہ يمامه کان مڪي نہ ويندو. تنهنڪري ثمامه مڪي پهچندي اناج کي روڪرائي ڇڏيو. جنهن تي اهل مڪه فرياد ڪئي تہ آنحضرت صلي عليہ وسلم جي حڪم سان اناج کي مڪه مڪرمه موڪليو ويو. بعد ۾ هو ديني فتنن جي ڪري پنھنجي جماعت سان گڏ بحرين هليو ويو.
هو بحرين جي مسلمانن ۾ ننڍين ننڍين تلخين کي ختم ڪرڻ ۾ لڳي ويو ۽ هتي ئي بنو قيس هٿان شھيد ٿي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو