ثمر مبارڪ مند

ثمر مبارڪ مند

ثمر مبارڪ مند

ثمر مبارڪ مند: پاڪستان جو ناليوارو سائنسدان ۽ طبيعات جو ماهر ثمر مبارڪ مند 17 سيپٽمبر 1942ع تي گڏيل هندستان (موجودہ راولپنڊي، پنجاب صوبي) ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم لاهور مان ۽ مئٽرڪ سينٽ اينٿوني هاءِ اسڪول مان 1956ع ۾ پاس ڪئي ۽ گريجوئيشن لاءِ گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي ۾ داخل ٿيو، جتي هن فزڪس جي شعبي ۾ ڊاڪٽر طاهر حسين جي رهنمائيءَ هيٺ B.Sc جي ڊگري حاصل ڪئي. شاگردي واري زماني ۾ هن قومي راندين جي مقابلن ۾ بطور تيراڪ گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي جي نمائندگي ڪئي. ماسٽرز دوران هن پنھنجي استاد ڊاڪٽر طاهرحسين جي رهنمائي ۾ تجرباتي فزڪس تي تحقيق ڪئي. هن گاما ري سپيڪٽروميٽر (Gamma Ray Spectrometer) تي تفصيلي ڪم ڪيو ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي ماهر فزڪس پروفيسر ڊاڪٽر ڊينيز هئه ولڪنسن اڳيان پنهنجو ڪامياب تحقيقي تجربو پيش ڪيو، جنهن سندس محنت کي داد ڏيندي کيس آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم جاري رکڻ جي دعوت ڏني. 1962ع ۾ سندس تحقيقي مقالو Construction of a Gamma Ray Spectrometer شايع ٿيو ۽ کيس M.Sc جي ڊگري ملي. ساڳئي سال 1962ع ۾ پاڪستان ائٽامڪ انرجي ڪميشن ۾ شامل ٿيو، جتي کيس وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالر شپ تي آڪسفورڊ يونيورسٽي موڪليو ويو. 1966ع ۾ هن آڪسفورڊ يونيورسٽي جي فزڪس شعبي مان ڊاڪٽر ڊي ايڇ ولڪنسن جي رهنمائيءَ ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس تحقيق جو موضوع ’Experimental Nuclear Physics’ هو. وطن واپسي بعد هي ٻيهر پاڪستان ائٽامڪ ڪميشن ۾ شامل رهيو ۽ گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽيءَ جي فزڪس شعبي جو اسسٽنٽ پروفيسر پڻ مقرر ٿيو. جنوري 1972ع ۾ سندس مقري نيوڪليئر فزڪس ڊويزن (NPD) ۾ ڪئي وئي. 1974ع ۾ هندستان طرفان نيوڪليئر ميزائل جي اوچتي تجربي بعد پاڪستان ائٽامڪ انرجي ڪميشن، ڊاڪٽر عبدالسلام جي صلاح تي فاسٽ نيوٽران فزڪس گروپ قائم ڪري تحقيقي سرگرمين کي وڌيڪ تيز ڪيو. 1981ع ۾ هن حفيظ قريشي، ڊاڪٽر زمان شيخ، ڊاڪٽر اشفاق احمد سان گڏجي چاغيءَ جي پهاڙين تي دفاعي ميزائل جا ڪامياب تجربا ڪيا.ان ڪم ۾ سندن رهنمائي مشھور سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان ڪئي هئي. 1990ع ۾ هن ملڪ جي ٻين سائنسدانن سان گڏجي خلائي پروگرام تي جديد تحقيق ڪرڻ لاءِ اهم قدم کڻندي شاهين پروگرام متعارف ڪرايو. هي NDC بيورو جو باني ڊائريڪٽر هو، هن ئي اداري جي ماتحت شاهين پروگرام تي ڪم / تحقيق ڪرڻ جو آغاز ٿيو. ان ڏس ۾ ثمر مبارڪ مند ۽ سندس انجنيئرن جي ٽيم 1999ع ۾ دفاعي هٿيارن جا ڪامياب تجربا ڪيا، ان کان علاوہ بابر ۽ غزنوي جھڙا ايٽمي هٿيار بہ سندس ئي دور ۾ تيار ڪيا ويا. 2008ع ۾ پاڻ پلاننگ ڪميشن جو ميمبر بڻيو ۽ 2011ع ۾ پاڪستان جو پهريون جيو اسٽيشنري سيٽلائيٽ 1R-Paksat جو تعارف ڪرايو.
پاڻ 2013ع کان سنڌ حڪومت جي ٿر ڪول پراجيڪٽ جو چيئرمئن آهي. ان کان سواءِ پاڻ بلوچستان جي معدني ذخيرن تي بہ تحقيقي ڪم ڪري رهيو آهي. سندس خدمتن جي اعتراف ۾ پاڪستاني سرڪار ۽ ٻين نجي ادارن طرفان کيس مختلف وقتن تي امتيازي اوارڊ ۽ اعزازن سان نوازيو ويو آهي، جن ۾: گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي پاران ’رول آف آنر (1962)، ستارہ امتياز (1993ع)، حلال امتياز (1998ع)، پاڪستان ميٿميٽيڪل سوسائٽي طرفان فيلو جو اعزاز (2003ع)، نشان امتياز (2004ع)، PAS نظير احمد اوارڊ (2005ع) ۽ انٽرنيشنل سائنٽسٽ آف دي ايئر اوارڊ (2007) شامل آهن.
ڊاڪٽر ثمر مبارڪ مند ملڪ جي ٻين مشھور سائنسدانن سان گڏجي ڪيترائي اهم تحقيقي مقالا لکيا آهن، جيڪي جرنل آف نيوڪليئر فزڪس ۾ وقت بہ وقت شايع ٿيندا رهن ٿا.


لفظ ثمر مبارڪ مندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو