ثمود

ثَمُود: عربستان جي هڪ قديم قوم، جيڪا نبي سڳوري صلي عليہ وسلم جي بعثت کان اڳ عاد ۽ ارم قومن وانگر معدوم ٿي وئي هئي. قديم حوالن مان ثمود قوم جي تاريخي وجود جي تصديق ٿئي ٿي، مثلاً: 715 ق. م جي هڪ آشوري ڪتبي مان ثمود جو ذڪر بہ انهن قومن جي سلسلي ۾ ملي ٿو، جيڪي مشرقي ۽ وچ عرب ۾ آباد هئا ۽ جن اشورين کي مطيع ڪيو هو. ثمود جي زوال جي عربي روايتن کي قديم مفسرن قرآني اشارن جي بنياد تي اڃا بہ وڌيڪ بيان ڪيو هو. جهڙيءَ طرح قوم عاد ۾ بہ هڪڙو نبي آيو هو، جنهن جو نالو ”هُود عليہ السلام“ هو، اهڙيءَ طرح قوم ثمود ڏانهن بہ حضرت صالح عليہ السلام نبي ڪري موڪليو ويو هو. حضرت جي مخالفن، جن جو سردار جنع بن عمر هو، حضرت صالح کان گهر ڪئي تہ هو پنھنجي نبوت جي ثبوت ۾ ڪو معجزو ڏيکاري، ۽ هُن هڪ ڇپ مان هڪڙي ڏاچي گونري سميت ڪڍي ڏيکاري هئي.
جي اُٺڙي هجڻ ڪري ان جي حرمت لازم هئي، پر ٺٺول ڪندڙن ڏاچيءَ توڙي گونريءَ جون کُچون وڍي ڇڏيون. جنهن جي سزا ۾ تعاليٰ جي حڪم سان ٻرندڙ جبل ڦاٽو، جنهن جي باھہ ۽ لاوي جي ڪري اها قوم تباهيءَ سان همڪنار ٿي.


لفظ ثمودھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو