
ثمينه پيرزاده
ثمينه پيرزادہ: ٽي وي، ٿئيٽر ۽ فلمي دنيا جي نامور اداڪارا ۽ هدايتڪار، ثمينه پيرزادہ لاهور ۾ معين الدين بٽ ۽ الماس بٽ جي گهر ۾ پئدا ٿي. ڪامرس ۾ گريجوئيشن ڪيائين. 1975ع ڌاري سندس شادي عثمان پيرزادي سان ٿي، جيڪو فلمي دنيا جي نامور اداڪار رفيع پيرزادي جو پٽ آهي. ثمينه شاديءَ بعد پهريان ڇھہ سال گهريلو عورت طور گذاريا، کيس ٽي. وي انائونسر ٿيڻ جو ڏاڍو شوق هو، جيڪو پورو نہ ٿيو. شروعات ۾ ماڊلنگ شعبي ۾ پير پـاتائين. پوءِ کيس لاهور ۾ ثميـنه احمد جـي اسٽيـج ڊرامي ”ڦـِر ديـک تـمـاشـا“ ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، ان بعد پي. ٽي. وي تي ”نوري ڄام تماچي“ ۽ ”ماڙي منگهتر“ جهڙن سيريلن ۾ اداڪاري ڪيائين، جنهن کان پوءِ هن ڪاميابي سان ڪيترا ڊراما پرفارم ڪيا، سندس شھرت هن وقت ڪمپيئر، پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر طور بہ آهي. هن ڪجهہ فلمن ۾ بہ ڪم ڪيو، جن ۾ ”نزديڪيان“، ”مکڙا“، ”جنگ“، ”شادي ميري شوهر ڪي“، ”بلندي“، ”بازار حسن“ ۽ ”پابندي“ وغيرہ قابل ذڪر آهن. هن پنھنجي ذاتي پراڊڪشن بہ متعارف ڪرائي، جنهن جو نالو ”ثمينه پيرزادہ پروڊڪشن“ آهي. هن وقت پنھنجي مڙس عثمان پيرزادي سان گڏ اسٽيج ۽ ٽي. وي ڊرامن جي پراڊڪشن ۾ سرگرم آهي.