ثمينه گل

ثمينه گل (گائيڪا): ناليواري فنڪارن ثمينه گل جو جنم 1972ع ڌاري لاڙڪاڻي ڀرسان هڪ ڳوٺ عاقل ۾ ٿيو. ثمينه گل سنڌي موسيقي ۾ پنھنجي مڃتا ماڻي چُڪي آهي. شروعاتي دؤر ۾ جڏهن ثمينه گل فِن موسيقيءَ ۾ متعارف ٿي تہ مشھور موسيقار اُستاد فيروز گل (مرحوم) کانئس فِلم لاءِ بہ گانا رڪارڊ ڪرايا. ثمينه گل جي هڪ وائي جيڪا سنڌ جي هڪڙي مشھور رڪارڊنگ ڪمپني طرفان ريليز ڪيل البم ۾ شامل هئي، ان وڏي شھرت ماڻي، وائيءَ جا ٻول هئا:
هو ارمان اُٺن ميان شاھہ رحه
اڳتي هلي ثمينه گل، مُلڪ جي ناليواري گائيڪا عابدہ پروين واري رنگ ۽ انداز ۾ ڳائڻ شروع ڪيو، نہ صرف ايترو بہ پوشاڪ جي انداز ۾ ساڳيو اختيار ڪيو، جنهنڪري کيس سُٺي پذيرائي ملي. ثمينه گل، اردو، سرائيڪي، بروهڪي، بلوچي پشتو ۽ سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ڳائي پاڻ مڃرايو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي کيس اي ڪيٽيگري ۾ پرفارم ڪرايو وڃي ٿو. ان کان علاوہ ثمينه گل شاھہ عبداللطيف ڀٽائي ڪانفرنس، قلندر لال شھباز رحه ڪانفرنس ۽ پي. ٽي. وي ڪوئيٽا ۽ ڪراچيءَ ۾ پڻ پرفارم ڪري چُڪي آهي. سندس هڪڙو فرزند نذر علي عرف ڀلو ننڍي ڄمار جو سٺو طبلا نواز آهي، جڏهن تہ سندس ٻيو فرزند صابر نواز استاد علي نواز خان وٽ سکيا وٺي رهيو آهي. سندس هڪڙي نياڻي صائمه بھار موسيقيءَ جي دنيا ۾ گائيڪا طور سٺو نالو ڪمائي رهي آهي. سندس گهر وارو غلام قمبر پڻ طبلا نواز رهيو آهي.


لفظ ثمينه گلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو