ثناءَ ﷲ قادري: هندستان جو مشھور صوفي بزرگ ۽ عالم ﷲ قادري'>ثناءَ ﷲ قادري ولد نانا شاھہ عبدالعزيز 1809ع تي طنگاھہ، ضلعي بلند مير ۾ ڄائو. هن تعليم ۽ تربيت پنھنجي ناني کان حاصل ڪئي. ننڍي عمر ۾ رفوگريءَ جو ڪم سکيو. واپار ڪرڻ جي سلسلي ۾ ايران، ڪابل ۽ هندوستان جي ڏورانهن هنڌن تائين سفر ڪيو. هن پهرين پنھنجي ناني جي هٿ تي دستِ بيعت ڪئي. ان کان پوءِ شاھہ محمد صادق رح جو مريد ٿي سلوڪ جي منزل طئي ڪيائين. ثناءَ ﷲ لاهور آيو ۽ هتي هن سنڌي بزرگ حضرت ميان مير سنڌيءَ کان روحاني فيض حاصل ڪيو.
لاهور کان پوءِ هو ڪابل ويو، جتي هن شاھہ قلندر کان روحاني فيض حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنجاب موٽي اچي شھر گجرات ۾ حضرت شاھہ دولھہ دريائيءَ جي درگاھہ تي حاضري ڀري ۽ روحاني فيض سان مالامال ٿيو. هن پنھنجي زندگيءَ جا آخري ڏينهن جلال پور جٽان ۾ گذاريا. هن صوفي بزرگ هڪ سؤ کان بہ وڌيڪ ڪتاب لکيا، جن مان 37 ڪتاب ڇپيل آهن. جن ۾: (1) ”ديوان خراباتي“، (2) ”خلاصته الاسرار“، (3) ”شمع العارفين“، (4) ”بحر انوار“، (5)”جنت الاسرار“،(6)”تحفته الزمان“،(7) ”جنت العارفين“، (8)”مجمع ابرکات“،(9)”مثنوي دردنامه“،(10)”تذڪره الواصلين“، (11) ”سراج الطالبين“، (12) ”حقيقت الاولياءَ“ ۽ (13) ”تفسير ثناء“ قابل ذڪر آهن.
هن صوفي بزرگ جي وفات 1879ع تي جلال پور جٽان ۾ ٿي.
1809.00.00 عيسوي
عالم ثناءَ الله قادري ولد نانا شاهه عبدالعزيز 1809ع تي طنگاهه ضلعي بلند مير ۾ ڄائو
1879.00.00 عيسوي
ثناءَ الله قادري جي وفات 1879ع تي جلال پور جٽان ۾ ٿي