ثناءُ الله ثنا سرهندي

ثناءُ الله ثنا سرهندي: شاعر، اديب ثناءُ الله ثنا ولد خواجه محمد ابراهيم خليل سرهنديءَ، 22 آگسٽ 1954ع تي گلزار خليل پير سرهندي، تعلقي ساماري ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو. سندس تعليم عربي فاضل آهي ۽ زمينداريءَ سان لاڳاپيل آهي. ثناءُ الله سرهنديءَ جا هيٺيان ڪتاب: (1) ياد خليل (نثر)، (2) ذڪر حبيب (نعتيه شاعري) ڇپيل آهن، جڏهن ته تذڪره اصحاب رسول ۽ ٻيا ڪتاب اڻ ڇپيل آهن. هن وقت ساماري ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.08.22  عيسوي

شاعر، اديب ثناءُ الله ثنا ولد خواجه محمد ابراهيم خليل سرهنديءَ، 22 آگسٽ 1954ع تي گلزار خليل پير سرهندي، تعلقي ساماري ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خضراڻي ميان بيگ انڍڙ
خانصاحب غلام علي جعفري
الانا جي
سڀائي مائي
عبدالحڪيم عطا ٺٽوي
اميد خيرپوري
باشو 1
ڇتن شاهه سيد
ڀٽو محمد يوسف
احمد فقير لغاري
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون