ثناءُ ﷲ ثنائي

ثناءُ ”ثنائي“: نامور شاعر ۽ اديب مولوي ثنائي'>ثناءُ ثنائي، 1895ع ڌاري تعلقي ڏوڪريءَ، ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ رمضان سيهڙي ۾ ڄائو. سندس وڏا ملتان کان اچي لاڙڪاڻي ۾ رهيا هئا. مولوي ثنائي'>ثناءُ ثنائي عالم گهراڻي جو فرد هو. تعليم جي ابتدا پنھنجي والد وٽان ڪيائين. ديني علمن جي سلسلي ۾ تر جي مشھور ۽ معروف عالم غلام عمر جتوئيءَ سان صحبت رهيس. ننڍپڻ ۾ ئي شاعريءَ ڏانهن راغب ٿيو. جوانيءَ ۾ مجازي عشق جي اثر هيٺ تنبوري تي ڳائڻ شروع ڪيائين. عالم گهراڻي سان واسطيداري هئڻ ڪري سندس ڳائڻ وڄائڻ تي پابندي هئي، ان هوندي بہ لڪ چوريءَ جهر جهنگ ڳائيندو هو. راز کلڻ تي ساز سرود جو شوق ڇڏي ڏنائين، بعد ۾ لاڙڪاڻي اچي پير عبدالغفار راشديءَ، ريلڻ واري وٽ حڪمت سکڻ شروع ڪيائين. پر هو حڪمت کان وڌيڪ لاڙڪاڻي جي علمي ماحول کان متاثر ٿيو. سندس ادبي ناتا ميان علي محمد قادريءَ ۽ سندس خاندان جي ٻين ادبي شخصيتن سان گهرا ٿيا. مولوي ثنائي ادب جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي. سندس ڪيتروئي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪلام موجود آهي، جن ۾ غزل، مولود، مداحون، سه حرفيون، معجزا، خطبا، مربع ۽ مسدس شامل آهن. سندس تصنيفن جو مختصر وچور هن ريت آهي: گلشن ميلاد، اشعار ثنائي، ديوان ثنائي، قيامت نامو، دردن جي دانهن، ڄاڻ قيامت آئي، ترڪي ٽوپي، محمود غزنوي، ڪوئيٽا جو زلزلو، تحفي ڪوئيٽا، ملان موالي، خطبات ثنائي، گلزار ثنائي، شاهنامو، اعتقاد نامو، سچا موتي ۽ شمع رسالت. سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ اسلام '>تاريخ اسلام (اٺ حصا)، زهري آڙَھہُ، رت جو درياءُ، سروٽو، گامو سچار ۽ اشعار ثنائي (ٻيو حصو) شامل آهن. سنڌ جي هن نامياري شاعر 1980ع ڌاري وفات ڪئي.


لفظ ثناءُ ﷲ ثنائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1895.00.00  عيسوي

مولوي ثناءُ الله ثنائي 1895ع ڌاري تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ رمضان سيهڙي ۾ ڄائو


1980.00.00  عيسوي

شاعر مولوي ثناءُ الله ثنائي 1980ع ڌاري وفات ڪئي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهده کوکر
حسين فقير ديدڙ
خليفو غلام نبي لغاري
خضراڻي ميان بيگ انڍڙ
خليفو نبي بخش لغاري
درد علي محمد سولنگي
اصغر نديم سيد
خليل عارف سومرو
رشيد ڪليري
ڇَتو فقير سانگي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون