ثنائي مشهدي: ايران جو ناليواري شاعر ثنائي مشهديءَ جو اصل نالو خواجہ حسين ولد غياث الدين محمد هو. هو 996 ھہ/ 1588ع تي ايران ۾ ڄائو. هو اڪبر مغل جي دؤر ۾ دهليءَ هليو ويو هو ۽ هميشہ لاءِ اتي ئي رهي پيو. هن جي ديوان ۾ قصيده، غزل، رباعيون ۽ ساقي ناما وغيرہ موجود آهن. ان کان سواءِ هڪ مثنوي ”سڪندرنامه“ جي بحر تي اڪبر بادشاھہ جي لاءِ مثنوي لکي، ان مثنوي جو نالو ”سدا سڪندر باغِ اِرم“ رکيائين.