ثنويت

ثنويت: ٻن خدائن جي پوڄا ڪرڻ زرتشت مذهب وارن جو عقيدو آهي. زرتشت جي تعليم ۾ ثنويت سڀ کان گھڻي اهميت وارو آهي. زرتشت مذهب جي ويجھو دنيا جو خدا هڪ نه، پر ٻه آهن. هڪ اهو خدا جنهن دنيا جون سڀ فائديمند ۽ ڪم اچڻ واريون شيون پيدا ڪيون آهن. جنهن کي هو گھڻي ڄاڻ رکڻ واري خدا جي نالي سان ياد ڪن ٿا. ٻيو اهو خدا جنهن دنيا جي لاءِ نقصانڪار ۽ تڪليف ڏيندڙ شيون ٺاهيون آهن، هي ان خدا کي انگرومينو جي نالي سان سڏين ٿا. زرتشي تعليم موجب اوستا ۾ انهيءَ رامازاد جون جيڪي صفتون بيان ٿيل آهن اهي اهورا جون آهن، اهورا جي صفتن موجب ’مان ئي محافظ، مان ئي خالق، مان ئي رزاق ۽ مان ئي مالڪ آهيان. سڀ کان وڌيڪ رحم ڪرڻ وارو مان ئي آهيان.‘ اهورا معنيٰ آقا، مازدا معنيٰ گھڻي ڄاڻ وارو، مقدس، عظيم عقلمند، نگهبان، خيرخواهه، خالق، خوشحالي ڏيڻ وارو خودمختيار خالق. خير جون ڇهه صفتون هنن وٽ گھڻي اهميت رکن ٿيون. جنهن ۾1. اهو ڪامل عقل وارو آهي، 2. غير فاني آهي، 3. صحتمند ۽ طاقت وارو آهي، 4. حقيقت اعليٰ آهي، 5. ديندار ۽ متقي آهي ۽ 6. زمين جي نعمتن جو مالڪ آهي. ايگرومينو خدائي شر آهي. ان کان پوءِ اوستا ۾ هن کي سڀني صفتن جو حامل قرار ڏنو ويو جيڪو شيطان جي سلسلي ۾ انجيل ۽ قرآن ۾ موجود آهي. هن ٻن خدائن جو اختيارن جو دائرو واضح طور تي الڳ الڳ مقرر ٿيل آهي. مٿي خدائي خير جي عملداري آهي ۽ هيٺ پاتال ۾ هن جي طاقتور دشمن جو عمل دخل آهي. هن ٻن خدائن جي بادشاهيءَ جي وچ ۾ هي دنيا قائم آهي. هي ٻه خدا دنيا ۾ طاقت جو مظاهرو ڪندا رهندا آهن. پارسين جو عقيدو آهي ته اينگرومينو نالي خدا رڳو نقصانڪار ۽ تڪليف ڏيندڙ شيون پيدا ڪيون آهن. پر اهو مازدا جي پيدا ڪندڙ چڱائيءَ کي ختم ڪندڙن مان آهي. انسانن جي پهرئين جوڙي کي اينگرو ئي ڀڙڪايو هو. جنهنڪري هر پارسي جو فرض آهي ته اهو شر جو مقابلو ڪري ۽ خير جي عزت جي لاءِ ڪوشش ۾ مصروف رهي ۽ پاڻ کي گناهن ۾ ملوث نه ڪري. اسلام ۾ اهڙي ڪنهن به عقيدي جي ڪا به گنجائش نه آهي ۽ نه ئي ڪو ثنوي فرقو يا ثنوي عقيدو آهي. اسلام ۾ توحيد تي زور ڏنو ويو آهي. انڪري ثنويت جو مطلب خدا جي تصور جي نفي ڪرڻ آهي.


لفظ ثنويتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو