جئرام داس دولترام: سنڌ هند جو برک سماج سيوڪ، عالم، تاريخدان ۽ سياستدان، جئرام داس دولترام، حيدرآباد جي پڙهيل ڳڙهيل عامل خاندان ۾، 21 جولاءِ 1889ع ۾ ڄائو. جئرام داس جي والد جو نالو دولترام ۽ والده جو نالو وشني ٻائي هو، جيڪا هڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ ڌرمي خيالن جي عورت هئي. جئرام داس کي هڪ ڀاءُ ڄيٺمل دولترام نالي به هو. جئرام داس کي ننڍي هوندي کان ئي لکڻ پڙهڻ طرف لاڙو هو، ان ڪري شاگرديءَ واري زماني کان ئي ادب ۽ سياست سان گهرو چاهه ۽ دلچسپي رکيائين. مهاتما گانڌيءَ سان کيس خاص لڳاءُ هو، جنهن ڪري اڳتي هلي ڪانگريس ۾ شامل ٿيو ۽ پڇاڙيءَ تائين ڪانگريس سان لاڳاپيل رهيو. سنڌ ڪانگريس ڪميٽيءَ جو ڪرتا ڌرتا هوندو هو ۽ پروفيسر گهنشيام داس، ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻيءَ سان گڏ سنڌ ڪانگريس جي ٽمورٽيءَ جو اهم رڪن ليکبو هو. جئرام داس ’هندو‘ اخبار جو ايڊيٽر به رهيو، جڏهن 21-1920ع ڌاري ’اسهڪار هلچل‘ (تحريڪ عدم تعاون) دوران ’هندو‘ اخبار تي بندش پئي ته وڏو گوڙ ٿيو، جنهنڪري ان جي ايڊيٽر جئرام داس دولترام کي ٽن سالن لاءِ جيل موڪليو ويو ۽ هن جيل وڃڻ کي قومي ڪارنامو سمجهيو. جئرام داس دولترام، موتي لعل نهروءَ جي ’سوراج پارٽيءَ‘ جي پليٽفارم تان 1926ع ۾، سنڌ مان ممبئي ڪائونسل لاءِ اميدوار بيٺو ۽ چونڊ کٽيائين. سندس مخالف اميدوار مکي هرڪشنداس سنڌ جو وڏو زميندار هو، پر هن کان چونڊ کٽي نه سگهيو. 1930ع ۾ ”لوڻ-ستياگرهه“ شروع ٿي ته ڪراچيءَ مان ڪيترائي سنڌي اڳواڻ ۽ ڪارڪن گرفتار ٿيا ۽ ڪورٽ ۾ پيش ٿي سزائون کاڌائون. انهن واقعن وقت ڪورٽ ۾ گڏ ٿيل ماڻهن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس گوليون هلايون، جنهنڪري ٻه نوجوان شهيد ٿي ويا ۽ جئرام داس به زخمي ٿي پيو، کيس ٽنگ ۾ گولي لڳي.
ورهاڱي کان پوءِ جئرام داس هندستان حڪومت جي کاڌ خوراڪ کاتي جو وزير ۽ بهار ۽ آسام رياستن جو گورنر ٿيو. 1955ع کان وٺي آخري عمر تائين پنج ڀيرا راجيه سڀا جو ميمبر رهيو. هي اهو امن پسند سياستدان هو، جنهن 1965ع واري پاڪ-هند خلاف ٺهراءُ پاس ڪرايو هو.جئرام داس دولترام قابل سياستدان هئڻ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي پهرئين صف جي قلمڪارن ۽ عالمن مان هو. سائين جي. ايم. سيد سندس سياسي ۽ ادبي صلاحيتن جو وڏو معترف هو. جئرام داس دولترام کي مهاتما گانڌيءَ جي تحريرن: `'Collected Works of Gandhi ji' جي پهرئين ايڊيٽر (سمپادڪ) هئڻ جو به اعزاز حاصل آهي. جيئن جواهر لعل نهروءَ لاءِ چيو ويندو آهي ته جيڪڏهن هو سياسي ميدان ۾ ايترو مصروف نه هجي ها ته هو پنهنجي زماني ۾ انگريزي ٻوليءَ جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن اعليٰ اديبن ۾ شمار ڪيو وڃي ها؛ ساڳئي نموني جئرام داس دولترام پڻ سياسي سرگرمين ۽ سماجي ڪمن ۾ مصروف نه هجي ها ته هو سنڌي ٻولي، ادب، تاريخ ۽ تهذيب جي ميدان ۾ اڃا به وڌيڪ ڪم ڪري سگهي ها. سنڌي ادبي حلقن ۾ جئرام داس جي معتبريءَ جو اهو عالم آهي، جو 1958ع ۾ جڏهن پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ جو ’شاهه جو رسالو‘ ڇپيو ته ان جو مهاڳ، جئرام داس دولترام لکيو. هن ئي سنڌ جي ادبي تاريخ ۽ تهذيب جي ڌارائن جو هند جي ادبي ۽ تهذيبي ڌارائن سان سنگم ڏيکاريندي لکيو ته: ”شاهه لطيف جي حقي جڳهه اتر پرديش جي ڪبير راجسٿان جي ميران ٻائي، مهاراشٽر جي رامداس ۽ تُڪا رام، بنگال جي چينيه ديو، آسام جي شنڪر ديو، گجرات جي نرسي مهتا جهڙن نامور سنت ڪوين، ڌڻيءَ جي نماڻن ڀڳتن ۽ درويشن جي قطار ۾ آهي.“
جئرام داس دولترام، پهريون شخص هو، جنهن شاهه لطيف کان اڳ جي سنڌي شاعر پراڻ ناٿ کي آشڪار ڪيو، ان ڏس ۾ مشهور لسانيات جي ماهر ليلي رُچنداڻيءَ، ’جهولي لال‘، جي 10 سيپٽمبر 1996ع واري پرچي ۾ لکيو ته: ”شري پراڻناٿ جي واڻيءَ جي پهرين ڄاڻ جئرام داس سرڳواسي، بولچند راجپال جي سمپادڪيءَ (ايڊيٽريءَ) هيٺ نڪرندڙ ’سنڌُو‘ مخزن جي اپريل 1967ع واري اَنڪ (شماري) ۾ ڏني هئي. ليڪن جهمون جهڳاڻيءَ پنهنجي ڪتاب ’سوامي پراڻناٿ جي سنڌي واڻيءَ‘ ۾ يا ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ان ڪتاب ۾ پنهنجي مهاڳ ۾ ان جو ذڪر ڪو نه ڪيو آهي.“جئرام داس کي تحقيقي ڪم سان ابتدا کان وٺي شوق هو. پهريون ڀيرو جيل کان نڪرڻ کان پوءِ، 1924ع ڌاري مئي مهيني ۾، شهدادپور (سنڌ) پاسي کيس هڪ سُرندائي گڏيو هو. جنهن کان هن ’ڏيپچند ۽ ڪوئل‘ جا بيت لکرائي ورتا هئا. جڏهن ورهين پڄاڻان اهي پراڻا نوٽبڪ اٿلائڻ جو موقعو مليس ته ”سنڌيءَ جي ڪوئل؟ يارهين صديءَ جي پريم ڪهاڻي“ مضمون لکي، ان ۾ هن قصي کي واقعاتي طرح سلطان محمود غزنويءَ جي دور جو ڄاڻايائين، پر شعر جي ٻوليءَ بابت راءِ ڏنائين ته اها بعد جي آهي، ائين هن ٻيا به ڪيترا تحقيقي مضمون لکيا، جن ۾: ’سنڌي ٻوليءَ جو اتهاس‘، ’ٻه هزار سال پراڻو اکر (لفظ) اڱارو‘، ’يارهين صديءَ جا اکر (لفظ)‘، ’شاهه ڪريم ۽ لوڪ ڪهاڻيون‘، ’سنت نجانند ۽ مهامتي پراڻناٿ‘، ’شاهه عبداللطيف ۽ سندس رسالو‘، ’سنڌي لپيءَ جو اتهاس‘، ’راجا ڏاهر جي شادي‘: ’ڏاهر لاڏي‘، ’الهندي سوراشٽر ۾ سنڌين جو راڄ‘، ’اڀيچند ۽ سرمد‘، ’ننگر، ممت ۽ ڏونگر‘ وغيره اچي وڃن ٿا، جيڪي روزاني ’هندستان‘ ۽ هفتيوار ’هندواسيءَ‘ ۾ ڇپيا، انهن ليکڪن مان ڪجهه چونڊ مضمون ’سنڌ جي کوج‘ (1993ع) نالي ڪتاب ۾ شايع ٿيا. اهي ۽ ٻيا ڪجهه مضمون گڏائي نوجوان اديب رکيل مورائيءَ جي ترتيب سان سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ، جئرام داس دولترام جو ڪتاب ’ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس'>سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس‘ (2009ع) نالي سان ڇپايو آهي. دادا جئرام داس دولترام، مهاتما گانڌيءَ، سردار پٽيل ۽ ٻين شخصيتن تي به ڪيترا ئي مضمون لکيا هئا.
دادا جئرام داس دولترام جو سنڌي ٻوليءَ کي ڀارتي آئين جي اٺين شيڊيول ۾ ’قومي ٻولي تسليم‘ ڪرائڻ ۾ به وڏو ڪردار رهيو آهي. جيتوڻيڪ هو سنڌيءَ جي ديوناگري لپيءَ جو حامي ۽ ۽ اڪثر سنڌي اديب ڪيرت ٻاٻاڻي، اي. جي اتم، گوبند مالهي، موهن ڪلپنا، موتي پرڪاش، ڪرشن راهي، پوپٽي هيراننداڻي ۽ ٻيا سنڌيءَ جي موجوده عربي لپيءَ جا حامي هئا، پر انهن سنڌي اديبن جي تاريخي جدوجهد سان گڏ جئرام داس جي ڪردار کي به وساري نه ٿو سگهجي، جنهن لپيءَ جي جهڳڙي کي هڪ پاسي رکائي، حڪومتي ڌرين کي راضي ڪري ورتو ته سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو ملڻ گهرجي. جئرام داس دولترام کي سنڌ جي تاريخ، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب سان وڏو عشق هو، اهڙي لکپڙهه سائين جي. ايم. سيد جي ڪتاب ’ڪجهه خط‘ ۽ سائين جي. ايم. سيد جي لائبريريءَ ۾ موجود جئرام داس جي خطن جي فائيلن ۾ موجود آهي. جئرام داس دولترام جو، هيري ٺڪر جي ڪتاب ’قاضي قادن جو ڪلام‘ تي لکيل مهاڳ به هڪ عالمانه مهاڳ آهي. هن جا صحبتي يا سهيوگي: سنڌ جا عظيم شخص ڄيٺمل پرسرام، جي. ايم. سيد، ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي، دادا شيوڪ ڀوڄراڄ، لعلچند امر ڏنومل، ليلا رام وطڻ مل، پروفيسر گهنشيام داس هئا. هن جو سنڌ ۽ هند جي سياست ۾ اهم ڪردار هو. سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي هن عاشق ۽ عالم دادا جئرام داس دولترام، پهرين مارچ 1979ع تي 90 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.