
جئسنگهاڻي، شيام
جئسنگهاڻي، شيام: ناميارو ڪهاڻيڪار، ناول نگار، نقاد، شاعر، شيام جئسنگهاڻي، 12 فيبروري 1937ع تي ڪوئيٽا، بلوچستان ۾ ڄائو.، جو اُتي سندس والدين رهائش پذير هئا. برصغير جي ورهاڱي کان پوءِ هندستان لڏي ويو. تعليمي حوالي سان بي. اي (آنرز) ايڪانامڪس ۾ ڪرڻ کان پوءِ فوٽوگرافيءَ ۾ ڊپلوما ۽ سول ڊرافٽس مين شپ ۾ ڊپلوما ڪيائين. هڪ وڏي عرصي تائين ساهتيہ اڪيڊمي رسالي جو ايڊيٽر رهيو. شيام جئسنگهاڻي افسانوي ادب (Fiction) جو تمام وڏو نالو آهي. هڪ ئي وقت ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ناٽڪ نويس، شاعر ۽ نقاد طور سندس سنڌ ۽ هند ۾ وڏي مڃتا رهي آهي. هو افسانوي ادب ۾ نہ رڳو جديديت جو قائل رهيو، پر هڪ ٽرينڊ سيٽر (Trend Setter) بہ رهيو آهي. شيام روايت توڙ ڪهاڻيڪار هو، جنهن اسلوب توڙي مواد (Style & Contents) ۾ وڏا تجربا ڪيا. وٽس جمالياتي حِس ۽ آرٽ جو حسن هو، پر هن پاڻ کي غلاظت (Vulgarity) کان هميشہ پري رکيو. هن جو لهجو ڪٿي ڪٿي کهرو محسوس ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ تہ هُو سماج جو وڏو تنقيدنگار اديب رهيو آهي. هُن هڪ هنڌ لکيو آهي تہ: ”مان ڪوي ناهيان، مون زندگيءَ جي اوندھہ کي، من جي انڌيارين غفائن کي ۽ اندرينءَ دنيا کي فڪشن ذريعي چٽڻ چاهيو آهي.“ شيام هڪ سٺو ايڊيٽر بہ رهيو آهي، ڪهاڻين ۽ شخصيتن جا ڪيترا ڪتاب ۽ رسالن جا خاص نمبر ترتيب ڏنائين. جديد سنڌي تنقيد ۾ سندس نالو نهايت مٿانهون رهيو آهي. هن سنڌي ڪهاڻيءَ تي نہ رڳو سگهاري تنقيد ڪئي آهي، پر تنقيدي مضمونن تي مشتمل هڪ ڪتاب بہ ترتيب ڏنو آهي.
شيام جئسنگهاڻيءَ جي ڪهاڻين، ناولن، شاعريءَ، تنقيد بابت طبعزاد، ترجمي ۽ ترتيب ڏنل ڪتابن جي فهرست هن ريت آهي: (1) ڪچا ڌاڳا (ناول: 1966ع)، (2) ناريءَ جو ملھہ (شرت چندر چئٽر جي- ترجمو: 1966ع)، (3) ننگو آسمان (ڪهاڻيون: 1967ع)، (4) کنڊهر (ڪهاڻيون ۽ ترتيب: 1968ع)، (5) ٺُونگو (ڪهاڻيون: 1970ع)، (6) نوان اُفق (جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي تنقيدي ڇنڊ ڇاڻ- ترتيب: 1975ع)، (7) کاهيءَ جي چؤطرف (ناول: 1976ع)، (8) اُفق جي دوري (ڪهاڻيون- ترتيب: 1977ع)، (9) وڇوٽيون (ڪوتائون/ شاعري: 1980ع)، (10) ميلن جو سفر (ڪهاڻيون: 1983ع)، (11) محاذ تي (ڪوتائون/ شاعري- ترتيب: 1983ع)، (12) اٺـون سُـر (نـامـديـو تاراچـنـداڻيءَ جـون ڪهـاڻيـون- ترتيـب: 1984ع)، (13) گُوئاني منظر (ڪويتائون/ شاعري: 1987ع)، (14) آسانند مامتورا (ٽه ماهي ’رچنا‘ جو خاص پرچو- ترتيب: 1987ع)، (15) هڪ ٻيو ڏينهن (ڪهاڻيون: 1988ع)، (16) جڳت آڏواڻي (ٽه ماهي ’رچنا‘ جو خاص نمبر- ترتيب: 1989ع)، (17) زلزلو (ناٽڪ: 1992ع)، (18) چاني (سي. ٽي کانولڪر- ترجمو: 1993ع)، (19) ساهتڪار-90 (ساليانو نمبر- ترتيب: 1990ع)، (20) ساهتڪار-91 (ساليانو نمبر-ترتيب:1991ع)، (21) ساهتڪار-92 (ساليانو نمبر-ترتيب: 1992ع)، (22) ساهتڪار- 95 (ساليانو نمبر- ترتيب: 1995ع)، (23) ممبئي منهنجي (ڪوتائون/ شاعري: 1998ع)، (24) ڪرشن راهي (’ڪونج‘ خاص پرچو- ترتيب: 2001ع)، (25) زندہ مڇي (ڪهاڻيون: 2002ع).
شيام کي فوٽوگرافيءَ سان وڏو شغف هو، سير سياحت بہ خوب ڪيائين، هند جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمڻ سان گڏ ٻاهرين دنيا جا بہ ڪيترا ملڪ گهميو. هن 50 کان مٿي سنڌي ڪتابن جا ٽائيٽل ۽ ڊسٽ ڪور (Cover Jackets) ڊزائين ڪيا، جن ۾ سندس ڪتاب بہ شامل هئا.شيام جئسنگهاڻيءَ جي شخصيت ۽ ادبي ڪم تي کيس مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ مليا. جن ۾: (1) ’وڇوٽيون‘ ڪتاب تي نئين دهلي تعليم جي وزارت پاران 1981ع ۾ اوارڊ، (2) ’ميلن جو سفر‘ ڪتاب تي وزارت HRD طرفان 1986ع ۾ اوارڊ، (3) ’هڪ ٻيو ڏينهن‘ ڪتاب تي مهاراشٽر سنڌي ساهتيہ اڪيڊميءَ طرفان 1990ع ۾ اوارڊ، (4) ’سي. ٽي کانولڪر‘ جي ڪتاب ’چاني‘ جي ترجمي تي 1995ع ۾ نيو دهلي ساهتيہ اڪيڊميءَ طرفان اوارڊ ۽ ’زلزلو‘ ڪتاب تي 1998ع ۾ نيو دهلي ساهتيہ اڪيڊميءَ طرفان اوارڊ وغيرہ. سنڌي ٻوليءَ جي هن خوبصورت فڪشن رائيٽر ۽ نقاد تي پوئينءَ عمر ۾ اڌ رنگ جو حملو ٿيو، باوجود اُن جي هن لکڻ نہ گهٽايو، جڏهن محترمہ بينظير ڀُٽو کي اوندھہ جي رکوالن شھيد ڪيو تہ هن کي ذهني طرح وڏو صدمو رسيو ۽ هن هڪ پُر اثر نثري نظم لکيو:’........ ۽ ندي موٽي وئي‘، جيڪو نظم، ثقافت کاتي سنڌ پاران رکيل مورائيءَ کان ترتيب ڏياريل ڪتاب ’مان جي مُئس پنڌ ۾‘ (2010ع) ۾ ڇپيل آهي.شيام جئسنگهاڻيءَ 2010ع تي پنھنجي ممبئيءَ واري گهر، 8- ڪمل ڦول سوسائٽي، ڪليڪٽرز ڪالوني، چئمبُور ۾ لاڏاڻو ڪيو.