جائلس لائبرري لاڙڪاڻو

جائلس لائبرري لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي شھر ۾ ريلوي لائين جي اوڀرندي پاسي هڪ وڏو باغ آهي، جنهن کي ورهاڱي کان اڳ ’تجر باغ‘ ڪري سڏيندا هئا ۽ هاڻي ان کي ’جناح باغ‘ چيو وڃي ٿو. ان باغ ۾ هڪ وڏي لائبرري قائم ٿيل هئي، جنهن کي پنھنجي عمارت هئي ۽ ان جي هڪ وڏي هال ۾ هيءَ لائبرري قائم هئي. ان عمارت ۾ پاڪستان نيشنل سينٽر قائم ڪيو ويو ۽ ان ساڳئي هال ۾ نيشنل سينٽر لائبرري بہ موجود هئي. هيءَ لائبرري لاڙڪاڻي جي تڏهوڪي ڪليڪٽر مسٽر جائلس جي نالي سان 1884ع ۾ قائم ٿي هئي. ورهاڱي کان اڳ هيءَ لائبرري نهايت اوج تي هئي. لائبرريءَ ۾ انگريزي ڪتابن جو عمدو ذخيرو موجود هو. هن لائبرريءَ ۾ هندستان جون اڪثر مشھور اخبارون اينديون هيون ۽ انهن جي مطالعي لاءِ صبح شام پڙهندڙن جي رش هوندي هئي. لاڙڪاڻي جي رهواسين ۾ سياسي ۽ قومي شعور پيدا ڪرڻ ۾ هن لائبرريءَ اهم ڪردار ادا ڪيو. اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب پڙهي هر مڪتبه فڪر جا ماڻهو باغ ۾ ويهي، انهن ڏينهن جي سياسي ۽ اقتصادي صورتحال تي وڏا بحث ڪندا هئا. هن لائبرريءَ کان سواءِ لاڙڪاڻي شھر ۾ برادر منڊل ۽ شيوا منڊليءَ جي انتظام هيٺ ڪجهہ خانگي لائبرريون بہ موجود هيون، جيڪي عوام جون ڪتابي ضرورتون پوريون ڪنديون هيون، پر پوءِ ڪن اڻٽر حالتن سبب انهن سميت هيءَ لائبريري بند ٿي وئي.



هن صفحي کي شيئر ڪريو