جائيه: تحفة الڪرام ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو تہ: ”هالا پرڳڻي جي پسگردائيءَ ۾ هڪ ڳوٺ جائيه جي نالي سان مشھور هو. علم ۽ ادب جي مرڪز کانسواءِ جائيه ۾ درويش بہ گهڻائي ۾ موجود رهندا هئا. جائيه جي مشھور شخصيت مخدوم صدرالدين راهوتي نالي بزرگ ٿي گذريو آهي. مخدوم صدرالدين هميشہ واعظ ڪندو هو، جنهن ۾ ڏاڍو اثر هوندو هو، سچن جي جماعت ۾ سندس ڪمالات مشھور آهن.