جائُو

جائُو: جائو لئيءَ جي وڻ کي چوندا آهن ۽ اهو سڄي سنڌ ۾ موجود آهي، گهڻو ڪري ڪوهستان واري علائقي ۾ لئيءَ کي ’جائو‘ چوندا آهن. ڀٽائي بہ ’جائو‘ استعمال ڪيو آهي:
وڏا وڻ وڻڪار جا، جت جائُو، جمرَ، جَرَ،
ڪوسا تپن ڪَڪِرا، دَم دَم تپي ڌرَ،
ويچارِي ڏي وَرَ، پيرُ نہ لھي پرينءَ جو.
(شاهواڻي، آبري، بيت 8)


هن صفحي کي شيئر ڪريو