
جابر بن افلح
جابر بن افلح: ابو محمد بن افلح'>جابر بن افلح الاشبيلي، اسپين جي شھر اشبيليه ۾ 555 ھہ/ 1160ع ۾ پيدا ٿيو، مغربي سائنسدانن ۾ بن افلح'>جابر بن افلح لاطيني نالي جبر سان مشھور آهي. جابر ابن افلح رياضي ۽ فلڪيات جو ماهر هو. هن جو سڀ کان اهم ڪم بطليموس جي ڪتاب ’المجسط‘ کي نون بابن ۾ ٻيهر ترتيب ڏيڻ هو. برلن جي مخطوطي ۾ ان جو نالو ’اصلاح المجسطي آهي. البرٽس ميڪنس پنھنجي ڪتاب Specutum Astronomiae ۾ هن ڪتاب کي Flores سڏيو آهي، جيڪو غالبا Flores Almagesti جي مختصر شڪل آهي. بن افلح'>جابر بن افلح، فلڪيات بابت بطليموس جي ڪجهہ نظرين تي ڪافي تنقيد ڪئي آهي. اصلاح المجسطي جي ديباچي ۾ بطليموس جي غلطين جي هڪ فهرست موجود آهي. جابر جو ٻيو اهم ۽ مشھور ڪم ’انحراف سيارگان اسفل‘ آهي، جنهن ۾ عطارد ۽ زھرہ بابت ڄاڻ ڏنل آهي. بطليموس عطارد ۽ زھرہ ٻنهي سيارن جي جڳھہ سج کان هيٺ مقرر ڪئي هئي ۽ دعويٰ ڪئي هئائين تہ حقيقت ۾ سيارا ڏسڻ واري جي اک ۽ سج کي ملائڻ واري ليڪ تي ڪڏهن بہ موجود نہ هوندا آهن. جابر بطليموس جي هن دليل کي رد ڪندي عطارد ۽ زھرہ جو مقام سج کان مٿي مقرر ڪيو. سندس ان تنقيد ۽ حقيقت پڌري ڪرڻ واري عمل کيس مغربي سائنسدانن وٽ هڪ مستند حيثيت ڏياري. سندس وفات بابت ڪا پڪي معلومات نہ ٿي ملي، پر يهودي فلسفيءَ ابن ميمون پنھنجي ڪتاب Guide of the Perplexed ۾ ڄاڻايو آهي تہ بن افلح'>جابر بن افلح ٻارهين صدي عيسويءَ جي پنجين ڏهاڪي ۾ وفات ڪئي.
00.00.0555 هجري
جابر بن افلح: ابو محمد جابر بن افلح الاشبيلي ، اسپين جي شهر اشبيليه ۾ 555 هه/ 1160ع ۾ پيدا ٿيو ، مغربي سائنسدانن ۾ جابر بن افلح لاطيني نالي ’ جبر ‘ سان مشهور آهي .
00.00.1160 عيسوي
جابر بن افلح: ابو محمد جابر بن افلح الاشبيلي ، اسپين جي شهر اشبيليه ۾ 555 هه/ 1160ع ۾ پيدا ٿيو ، مغربي سائنسدانن ۾ جابر بن افلح لاطيني نالي ’ جبر ‘ سان مشهور آهي .