
جابر بن حيام جو مجسمو
جابر بن حيان: انساني تاريخ جو پهريون ڪيميادان ۽ مشھور فلسـفي جـابـر بن حيـان 721ع ۾ عـراق جي شھر ’ڪـوفي‘ ۾ ڄـائو. سـندس پـيءُ جو نالو ’احـمـد بـن حـيـان‘ هـو. سـنـدس ڪُنيت ’ابُو موسيٰ‘ هُئي. بن حيان'>جابر بن حيان هڪ سئو کان مٿي ڪتاب لکيا، جن مان 22 (ٻاويھہ) ڪتاب ’علم ڪيميا‘ بابت آهن. هيءُ پهريون سائنسدان هو، جنهن معدنيات کي ٽن گروهن ۾ ورهايو. هن پنھنجي ليبـارٽـريءَ ۾ ڌاتـن کي بهـتـر بنـائـڻ، فولاد تيار ڪرڻ، ڪپڙي ۽ چمڙي تي رنگ چاڙهڻ، لوھہ کي زنـگ کان محـفـوظ رکـڻ ۽ شيـشـي ســازيءَ ۾ ميگنيز ڊاءِ آڪسائيڊ استعمال ڪرڻ جا طريقا دريافت ڪيا. جابر جو سڀ کان وڏو ڪارنامو ٽن معدني تيزابن: لوڻ جو تيزاب، گندرف جو تيزاب ۽ شوري جو تيزاب دريافت ڪرڻ آهي. جڏهن تہ سون کي حل ڪرڻ لاءِ، شوري جي تيزاب مان هڪ ٻيو تيزاب پڻ تيار ڪيائين، جنهن جو نالو ’ماءُ الملوڪ‘ هو، جيڪو هينئر تائين سون کي حل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. سٽرڪ ائسڊ، ٽارٽرڪ ائسڊ ۽ ايسيٽڪ ائسڊ بہ بن حيان'>جابر بن حيان جي دريافت آهن. هن مختلف ڪيميائي عملن جي تشريح بہ ڪئي آهي. ڪيميا جي سامان ۾ ’قرع النبيق‘ ڪرنڦل بہ هن جي ايجاد آهي.
سندس اهم تصنيفون هيٺيون آهن:
(1) ’ورد ڪتب المائة والاثنا عشرة ‘:هيءُ ڪيمياگريءَ جي فن بابت مضمونن جو مجموعو آهي، (2) ’ڪتاب الثبعين ‘:هي علم ڪيميا تي جـابـر جي تفصيلـي تحقيق آهي، (3) ’ڪتب المـائة والا ربعة ولا ربعـون‘ يا ’ڪتب الموازين ‘:ڪيميا گريءَ ۽ جملي باطني علمن جي نظرئي، خاص ڪري فلسفياڻي سوچ بابت آهي، (4) ’ڪُتب الخمس مائة ‘:هيءُ ڪتاب ڪتب الموازين جي ڪجهہ مسئلن جي وڌيڪ تحقيق تي مشتمل آهي.
جابر جي تصنيفن ۾ ڪيمياگرن، طب، نجوم (فلڪيات)، جادو (سحر ۽ طلسم) ۽ خاص شين جي علم وغيرہ جو مطالعو ملي ٿو. کانئس پوءِ سندس تحريرن مان عربي ڪيمياگريءَ تمام گهڻو اثر قبول ڪيو. پوئين دؤر جي محققن سندس ڪتابن جي تشريح بہ ڪئي. سندس ڪتابن جو ترجمو لاطيني ٻوليءَ ۾ پڻ ڪيو ويو آهي.
هن عظيم مسلمان سائنسدان ۽ ڪيميادان 188ھہ/803ع ۾ وفات ڪئي. سندس وفات کان اٽڪل ٻہ سئو سال پوءِ جڏهن بغداد جي کوٽائي ڪئي وئي تہ مختلف شين سان گڏ جابر جي پوري لئبارٽري ۽ سندس هٿن سان لکيل چند قلمي نسخا پڻ هٿ آيا.
00.00.0721 عيسوي
انساني تاريخ جي پهرئين ڪيميادان ۽ مشهور فلسـفي جابر بن حيان721ع ۾ عـراق جي شهر ’ ڪـوفي ‘ ۾ ڄـائو
25.10.0815 عيسوي
انساني تاريخ جي پهرئين ڪيميادان ۽ مشهور فلسـفي جابر بن حيان 25 ڊسمبر 815ع ۾ وفات ڪئي
00.00.0803 عيسوي
انساني تاريخ جي پهرئين ڪيميادان ۽ مشهور فلسـفي جابر بن حيان 188هه/803ع ۾ وفات ڪئي .