جابر بن سنان حراني

جابر بن سنان حراني: جابر بن سنان، فلڪيات جو ماهر ۽ پنھنجي وقت جو وڏو سائنسدان، صناع ۽ فلڪياتي اوزارن جو ڪاريگر هو. حران شھر جو رهاڪو هو. پاڻ 903ع ۾ پيدا ٿيو. پنھنجي وطن ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ بغداد هليو ويو، جتي هن پنھنجي پوري زندگي گذاري ڇڏي، بغداد ۾ هن ۽ سندس خاندان ڪافي علمي ڪم ڪري شھرت ماڻي.

جابر بن سنان کي فلڪياتي مشاهدن سان گهڻي دلچسپي هئي. هن فلڪياتي مشاهدي سان لاڳاپيل اوزار ايجاد ڪيا. هن هڪ اهڙو اوزار پڻ تيار ڪيو، جنهن جي مدد سان فلڪياتي مشاهدي سان گڏوگڏ مفاصلو پڻ معلوم ڪري سگهبو هو. اهو مشھور اوزار ”Spherical Astrolobe“ جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي. انهيءَ اوزار جي مدد سان هن مختلف سيارن، سج ۽ چنڊ جو زمين کان مفاصلو معلوم ڪيو. هي پهريون سائنسدان هو جنهن ان وقت جي حساب سان اهو ڪارائتو اوزار ايجاد ڪري سائنسدانن جي تحقيقي ڪم کي وڌيڪ آسان بڻائي ڇڏيو. انهيءَ اوزار کي آڏو رکي مختلف سائنسدانن پنھنجي تحقيق ۾ ڪافي جدت پيدا ڪئي.





هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

00.00.0903  عيسوي

جابر بن سنان حراني: جابر بن سنان ، فلڪيات جو ماهر ۽ پنهنجي وقت جو وڏو سائنسدان ، صناع ۽ فلڪياتي اوزارن جو ڪاريگر هو . حران شهر جو رهاڪو هو . پاڻ 903ع ۾ پيدا ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دراني آغا الھڏنو
تاج محمد شاھہ سيد
ڀيمنداس منواڻي
خانچند درياڻي
ابراهيم بن اڌم بلخي
شھاب الدين ملا
جعفري غلام تقي
دودو سومرو
پير ڪمال ڪمال فقير
چنا محمد عالم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون