جابر بن عبدالله الانصاري

جابر بن عبدالله الانصاري: بن عبدالله الانصاري'>جابر بن عبدالله الانصاري، ڪنيت ابو عبدالله، حضور صلي عليہ وسلم جو پيارو اصحابي، خزرج قبيلي مان هو. پاڻ 20 عام الفيل 601ع ۾ پيدا ٿيو. حضرت جابر پنھنجي سڄي ڪٽنب سميت حضور صلي عليہ وسلم جن تي ايمان آڻي، اسلام قبوليو. انهيءَ ڪري سندس شمار رسول اڪرمصه جي پيارن اصحابين ۾ ٿيندو آهي. هيءُ غزوه خندق ۽ بدر کانسواءِ ارڙهن جنگين ۾ رسول صلي عليہ وسلم جن سان گڏ هو، جن ۾ غزوه حنين ۽ غزوه تبوڪ شامل آهن. حضور صہ جن سان بي پناھہ محبت ڪندو هو. 11ھہ/ 632ع ۾ نبي ڪريم صلي عليہ وسلم جن جي رحلت کانپوءِ هميشہ سندن آل/ اولاد سان گڏ هوندو هو، حضرت علي عليہ السلام سان گڏ صفين جي جنگ ۾ هڪ مجاهد وانگر وڙهيو.

جابر بن عبداللهرضه جي زندگيءَ جو مقصد حديثن جي اشاعت هو، جيڪي هن وڏي محنت سان گڏ ڪيون هيون. مشھور حديثحديث ڪِساء‘ جو راوي بہ هي آهي. جڏهن حجاج بن يوسف جهڙو ظالم ۽ تشدد پسند شخص مديني جو گورنر مقرر ٿيو تہ هن حضرت جابر رضہ تي بہ تمام گهڻيون سختيون ڪيون، جابر بن عبدالله حقيقي اصحابي ۽ عاشقِ رسول صہ هو ۽ کيس اهو بہ شرف حاصل آهي تہ حضرت امام حسين عليہ السلام جي شهادت کانپوءِ جڏهن امام صاحب جي تربت تيار ٿي تہ سڀ کان پهريون مجاور ۽ زوار پاڻ ٿيو ۽ آخري عمر تائين سندن مزار تي رهيو. سن 74ھہ/693ع ۾ وفات ڪيائين. هن وصيت ڪئي هئي تہ سندس جنازي نماز ۾ حجاج بن يوسف کي شامل ٿيڻ نہ ڏنو وڃي.



لفظ جابر بن عبدالله الانصاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

00.00.0601  عيسوي

جابر بن عبدالله الانصاري حضور صلي الله عليه وسلم جو پيارو اصحابي ، خزرج قبيلي مان هو . پاڻ 20 عام الفيل 601ع ۾ پيدا ٿيو .


00.00.0074  هجري

جابر بن عبدالله الانصاري سن 74هه/693ع ۾ وفات ڪيائين


00.00.0693  عيسوي

جابر بن عبدالله الانصاري سن 74هه/693ع ۾ وفات ڪيائين



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عطا محمد زوار
ايڇ جي راورٽي
شعيب اختر
بھاول خان عباسي
ثاليس
ساڌو نولراءِ
آئزن هاور
رحمت خان گبول
پونٽنگ رڪي ٿامس
ترين شوڪت
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون