جاتي1

جاتي1: ضلعي ٺٽي جو تعلقو ۽ اهم شھر آهي. هن علائقي ۾ جت برادري اڪثريت سان رهندڙ آهي، ان ڪري ان جو نالو ’جاتي‘ پئجي ويو. هي لاڙ جو قديم شھر ۽ واپاري مرڪز رهيو آهي. هي پيداوار جي لحاظ کان هتان جو علائقو زرخيز آهي. ساريون، ڪمند ۽ ڪيلو هتي جا خاص فصل آهن. جت برادري جا اڳواڻ ’ملڪ‘ سڏبا آهن، جيڪي ڳوٺ ’راڄ ملڪ‘ ۾ رهندا آهن. ’ملڪاڻي‘ سندن پاڙو آهي. انهن مان ملڪ فريد خان، ملڪ مامون خان، ملڪ غلام قادر خان (جيڪو سنڌ حڪومت ۾ وزير بہ رهي چڪو آهي)، رسول بخش خان جت (اڳوڻو ٺٽي ضلعي ڪائونسل جو چيئرمئن)، نامور اديب ۽ محقق رسول بخش تميمي ۽ نوجوان اديب ذاڪر حسين کٽي هن ئي شھر ۽ تعلقي جا رهندڙ آهن.

هتي ’جتبرادري کان سواءِ ٻيون برادريون بہ رهندڙ آهن، جن ۾ ميمڻ، ٿهيم، ملاح، ابڙا، کٽي، مڱڻهار، پٺاڻ ۽ سومرا قابل ذڪر آهن. جاتي شھر ۾ پرائمري بوائز ۽ گرلس اسڪول، گرلس هاءِ اسڪول، انٽر سائنس ڪاليج، سول اسپتال ۽ جانورن جي اسپتال وغيرہ موجود آهن.

هن تعلقي جو مکيہ شھر ’مغر ڀين‘ (مغل ڀين) آهي.

هيءُ ڍنڍن ۽ ڍورن وارو تعلقو آهي، ڇاڪاڻ جو سنڌو درياھہ جون تمام گهڻيون شاخون هن تعلقي مان وهي، سمنڊ ۾ داخل ٿين ٿيون، جھڙوڪ: سير، جنهن کي کاري سير بہ چوندا آهن، اهو وهڪرو تعلقي شاهبندر مان اچي ٿو. سنڍو، کڏو، همراھہ، ڪربڙا، ونگر ٻانڊو، حرامي لڪي، ڊگهڙو، شاتري، ڪينجهر ڪينجهو، پکار، بگهاڙ، سنڊڙي، خونياڻي، گهوڙو، نئون درياھہ، پئي وارو ڍورو، دڙيون ڍورو، ڪاجهر (شاهبندر جي درياھہ جو حصو)، لوڌيءَ وارو ڍورو، ڪُوري وارو ڍورو، سنهڙو، سانگڙو ڍورو، وٽاڻ وارو ڍورو، قسمي وارو ڍورو، ڦٽو ڍورو، بچاءَ وارو ڍورو ۽ ڪارو ڍورو اچي وڃن ٿا.

هن تعلقي ۾ ڪوڇل، چمائي، جهم، چوٻٽي خاص ڍنڍون آهن.

جاتي تعلقي ۾ ٻہ سرڪلون ۽ ٻارهن تپا آهن. هن جي پکيڙ 2145 چورس ميل آهي. هن تعلقي کي ٽن پاسن کان خشڪي ۽ هڪ پاسي کان سمنڊ آهي. هي تعلقو قدرتي طرح چئن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. کارو، ميدان، ڪس ۽ لوڻاٺيل.

کارو: هيءُ حصو تعلقي جي ڏکڻ واري پاسي آهي، جتي مستقل طرح ڪا وستي ڪانهي. هيءُ حصو سمنڊ جي اثر سبب سدائين کارو ۽ ڪلراٺو رهي ٿو، جتي ڪنهن بہ قسم جي آبادي وغيرہ ڪا نہ ٿئي، جڏهن تہ سمنڊ جي ڪناري تي تمر جا وڻ ۽ ٻيو لوڻاٺيل گاھہ ٿئي ٿو، جنهن کي فقط اوٺو مال کائيندو آهي، ان ڪري ئي اُٺين جو کير پيئڻ ۾ کارو لڳندو آهي. هن حصي جي معدني پيداوار لوڻ آهي.

ميدان: تعلقي جاتيءَ جو گهڻو حصو ميداني آهي. هتان جي 98 سيڪڙو آباديءَ جو مدار هن حصي تي آهي. هتي گهڻو ڪري سڀئي فصل پوکبا آهن.

ڪس: درياھہ جي ڀر واري زمين کي ’ڪس‘ چوندا آهن. جاتيءَ جي انهي حصي جو ڪجهہ ٽڪرو ٻيلن وارو آهي. باقي زمين تي پوک ٿيندي آهي. هن حصي کي ’ڪچو‘ بہ چوندا آهن. هن ايراضيءَ ۾ ڪيلي جي پوک ڀلي ٿيندي آهي.

لوڻاٺيل: هيءُ سمنڊ سان لاڳاپيل حصو آهي، جيڪو مڪمل غير آباد ۽ لوڻ جي کاڻين وارو حصو آهي. اهو لوڻ معدني پيداوار جو اهم ذريعو ٿي سگهي ٿو. سمنڊ سان لاڳو هئڻ ڪري هتان جي آبهوا وچٿري آهي. هتي نہ سياري ۾ سردي گهڻي ٿئي ۽ نہ اونهاري ۾ گهڻي گرمي ٿئي.





هن صفحي کي شيئر ڪريو