جاجگا اٽيفيٽي

جاجگا اٽيفيٽي

جاجگا اٽيفيٽي

جاجگا اٽيفيٽي: ڪوسوو جي صدر اٽيفيٽي جاجگا پنھنجي ملڪ جي تاريخ جي پهرين عورت صدر آهي ۽ کيس عالمي سطح تي ننڍي عمر ۾ صدر ٿيڻ جو اعزاز بہ حاصل آهي. هوءَ ان کان اڳ ڪوسوو پوليس ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جون ذميواريون سنڀاليندي هئي.
جاجگا 20 اپريل 1975ع تي ڊڪوويڪا ۾ پيدا ٿي، جتي هن پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم حاصل ڪئي. 2000ع ۾ يونيورسٽي آف پرسٽينا (University of Pristina) ۾ فيڪلٽي آف لا ۾ گريجوئيشن ڪيائين. هن 2006-2007ع ۾ پوليس مئنيجمينٽ پروگرام ۾ گريجوئيشن ڪئي ۽ برطانيا جي يونيورسٽي آف ليسٽر ۾ ڪرمنل لا جي تعليم حاصل ڪئي.
هن اپريل 2011 ۾ صدارتي ذميواريون سنڀاليون.کيس صدارتي چونڊن ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي آف ڪوسوو، ڊيموڪريٽڪ ليگ آف ڪوسوو، نيو الائنس ڪوسوو جي مدد حاصل هئي. جاجگا 100 ميمبرن مان 80 ميمبرن جا ووٽ حاصل ڪيا. هي پهرين صدر آهي، جنهن پهرين ئي رائونڊ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو