جادم جکرو: شاھہ لطيف جي شاعريءَ جو هڪ ڪردار. هيءُ سمي خاندان مان هڪ سخي حاڪم ٿي گذريو آهي. هڪ روايت ۾ آهي تہ جکرو، سمي (وڏي) جو پٽ هو. ٻي روايت ۾ آهي تہ جکرو سام جو پٽ هو ۽ هن جا وارث اصل هندو هئا. چيو وڃي ٿو تہ سما خاندان بہ اصل جادم جکري کان شروع ٿيو آهي. هي پاتار شھر جو رهاڪو هو. جتي هڪ مضبوط قلعو پڻ هو. جنهن جو هي مالڪ هو، ان ڪري هن کي ’گڍ ڌڻي‘ پڻ چوندا هئا. ڪن عالمن هن کي ’ڳھڙ راءِ‘ پڻ سڏيو آهي. بدين ضلعي ۾ ’پاتار‘ يا ’پاتال‘ نالي ڪافي ديهون ملن ٿيون، ان ڪري چئي سگهجي ٿو تہ اتي ئي ڪٿي سندس راڄڌاني هئي. هي پنھنجي دؤر جو مشھور سخي سردار هو ۽ پاڻيءَ وانگي پنهنجو خزانو وهائيندو هو. سندس سخاوت ۽ گنج لٽائڻ واري ان عمل کي ان وقت جي مڱڻهارن، ڀٽن، ڀانن گنگا جو وهڪرو سڏيو آهي. سخاوت ڪري کيس ’راءِ گنگا جر‘ پڻ سڏيو ويندو هو. سندس ان سخاوت کي شاھہ عبداللطيف ڀٽائي بہ پنھنجي ڪلام ۾ ساراهيو آهي ۽ هڪ بيت ۾ هن نموني سندس سخاوت جو بيان ڪيو ويو آهي:
جکرا ! جِيين شال، تُنهنجو ڪَنين مَدو مَ سُڻان،
جِـئـن تــو اَچــي ڪــالَ، نـالائــق نــوازِئــا.
(سُر بلاول: شاهواڻي: ص: 1199)
جکري جادم کي ڪل چار پٽ هئا. هسپت، گچپت، ڀوڀت ۽ شورا سامڻ/ راءِ ڏياچ. سامڻ کي ٻہ پٽ ٿيا هڪڙو پلي ۽ ٻيو رائڌڻ، رائڌڻ جي اولاد پاڻ کي سما چورايو. رائڌڻ کي ٽي پٽ ٿيا، سامڻ، نوتيار ۽ پلي. سامڻ کي وري ٽي پٽ، اُنڙ، ڦُل ۽ مناهي ٿيا. نوتيار کي هڪ پٽ آريسر ٿيو ۽ پَليءَ کي ٻہ پٽ درس ۽ ساند ٿيا. ساند کي هڪ پٽ هالو ٿيو، هالي جا وري ست پٽ هئا: جنو، جائهيو، جکرو، هوٿي، هنڱورو، ڏيرو ۽ پکي.