جادو فقير شهيد

جادو فقير شهيد: جادو فقير ذات جو ٻٻر هو. ڪن روايتن موجب قنبراڻي قبيلي جو فرد هو. ڊاڪٽر حامد علي خانائي قريشيءَ جي راءِ آهي ته: ”جادو فقير ذات جو اوٺوال هو ۽ تاجي اوٺوال جو ڀاءُ هو“. پهرين روايت وڌيڪ درست لڳي ٿي، جنهن موجب جادو ذات جو ٻٻر هو، ڇو ته اڄ تائين ٿرڙي جادو شهيد ۾ ٻٻر ذات جي گهڻائي آباد آهن، جيڪي جادي شهيد سان عقيدت رکندڙ آهن. هن فقير کي جنگي فن ۾ وڏي مهارت حاصل هئي. نيزي بازي ۽ تلوار جي استعمال جو وڏو ماهر هو. ڪن روايتن موجب جادو جڏهن ميدان جنگ ۾ ايندو هو ته ان وقت ميدان ۾ سندس تلوار جا چمڪاٽ ۽ دشمنن جا سر نظر ايندا هئا. چون ٿا ته هڪڙي جنگ ۾ اهڙي قسم جا ايڪٽيهه نعرا ٻڌا ويا. هو ميدان جنگ ۾ وڙهي مرڻ کي سعادت سمجهندو هو. هي بهادر شخص ڪلهوڙن جي جانباز ڪارڪن ميان نصير محمد جي فقيري سپاهه ۾ شامل هو. ميان نصير محمد جي وفات کان پوءِ جادو شهيد، ميان دين محمد سان وابسته رهيو ۽ پنهنجن محسنن جي خدمت ڪندو رهيو، جنهنڪري ميان دين محمد کيس پنهنجي صف اول جي سرواڻن ۽ فقيرن مان سمجهندو هو. جڏهن ملتان مان شهزادي معزالدين سنڌ تي حملو ڪري ميان دين محمد کي گرفتار ڪيو ۽ ميان يار محمد جي گرفتاريءَ لاءِ شاهي فوج اڳتي وڌي ته يار محمد بهادريءَ سان نئين گاج جي کور ڳوٺ وٽ هن جو مقابلو ڪيو. هن جنگ ۾ ميان يار محمد کي سوڀ نصيب ٿي ۽ مغل شڪست کائي واپس سيوهڻ موٽي آيا، پر هن جنگ ۾ جادي فقير آزاديءَ جي جنگ وڙهندي سر قربان ڪري ڇڏيو. سندس لاش کي اباڻي ڳوٺ ٿرڙي ۾ دفنايو ويو، جيڪو بعد ۾ ٿرڙي جادو شهيد جي نالي سان سڏجڻ ۾ آيو (ڏسو: ٿرڙي جادو شهيد- جلد ٻيو). اڄ به اتي سندس مزار مٿان هڪ عاليشان مقبرو اڏيل آهي، جتي سندس مداحن جا ميلا موجود رهندا آهن.



هن صفحي کي شيئر ڪريو