جادو فقير شھيد: جادو فقير ذات جو ٻٻر هو. ڪن روايتن موجب قنبراڻي قبيلي جو فرد هو. ڊاڪٽر حامد علي خانائي قريشيءَ جي راءِ آهي تہ: ”جادو فقير ذات جو اوٺوال هو ۽ تاجي اوٺوال جو ڀاءُ هو“. پهرين روايت وڌيڪ درست لڳي ٿي، جنهن موجب جادو ذات جو ٻٻر هو، ڇو تہ اڄ تائين ٿرڙي جادو شھيد ۾ ٻٻر ذات جي گهڻائي آباد آهن، جيڪي جادي شھيد سان عقيدت رکندڙ آهن. هن فقير کي جنگي فن ۾ وڏي مهارت حاصل هئي. نيزي بازي ۽ تلوار جي استعمال جو وڏو ماهر هو. ڪن روايتن موجب جادو جڏهن ميدان جنگ ۾ ايندو هو تہ ان وقت ميدان ۾ سندس تلوار جا چمڪاٽ ۽ دشمنن جا سر نظر ايندا هئا. چون ٿا تہ هڪڙي جنگ ۾ اهڙي قسم جا ايڪٽيھہ نعرا ٻڌا ويا. هو ميدان جنگ ۾ وڙهي مرڻ کي سعادت سمجهندو هو. هي بھادر شخص ڪلهوڙن جي جانباز ڪارڪن ميان نصير محمد جي فقيري سپاھہ ۾ شامل هو. ميان نصير محمد جي وفات کان پوءِ جادو شهيد، ميان دين محمد سان وابستہ رهيو ۽ پنهنجن محسنن جي خدمت ڪندو رهيو، جنهنڪري ميان دين محمد کيس پنھنجي صف اول جي سرواڻن ۽ فقيرن مان سمجهندو هو. جڏهن ملتان مان شھزادي معزالدين سنڌ تي حملو ڪري ميان دين محمد کي گرفتار ڪيو ۽ ميان يار محمد جي گرفتاريءَ لاءِ شاهي فوج اڳتي وڌي تہ يار محمد بهادريءَ سان نئين گاج جي کور ڳوٺ وٽ هن جو مقابلو ڪيو. هن جنگ ۾ ميان يار محمد کي سوڀ نصيب ٿي ۽ مغل شڪست کائي واپس سيوهڻ موٽي آيا، پر هن جنگ ۾ جادي فقير آزاديءَ جي جنگ وڙهندي سر قربان ڪري ڇڏيو. سندس لاش کي اباڻي ڳوٺ ٿرڙي ۾ دفنايو ويو، جيڪو بعد ۾ ٿرڙي جادو شھيد جي نالي سان سڏجڻ ۾ آيو (ڏسو: ٿرڙي جادو شھيد- جلد ٻيو). اڄ بہ اتي سندس مزار مٿان هڪ عاليشان مقبرو اڏيل آهي، جتي سندس مداحن جا ميلا موجود رهندا آهن.