جادَو

جادَو: هن لفظ جو صفاتي مفهوم آهي ’سهڻن وارن وارو‘ مرد يا عورت. اصل ۾ ’جادا‘ لوندڙين جي وارن کي چوندا آهن، جيڪي سنڌ ۾ سونهن جي هڪ معيار وصف آهي. شاعر چيو ”ٿي جادن سان جادو هڻي“. (جادو جو جمع جادا) يعني لوندڙين وارا سونهري وار، پوءِ اهي عورت جا هجن يا مرد جا. ان ڪري مردن توڙي عورتن تي نالو رکيو ويو ’جادَو‘. ان نالي کي وڌيڪ نزاڪت ۽ پيار سان سڏيندا تہ ’جادُل‘ يعني: سونهري وارن واري سھڻي عورت. مرد پٽڪو ٻڌندا تہ هاسيڪار پٽڪي جي ورن ۾ لوندڙين وٽان ’جادا‘ ظاهر ڪندا. اهو بہ هڪ انداز آهي. سنڌ ۾ ’جادو‘ نالو عام آهي، جادي نالي وارن ڪن مشھور ماڻهن جي نالي ڪي ڳوٺ آباد پڻ ٿيل آهن. اهڙن آڳاٽن ماڻهن جي نالي سان ديهون بہ جڙيون. جھڙوڪ: ٿرڙي جادو شھيد.



هن صفحي کي شيئر ڪريو

جادَو - مان نڪتل ٻيون شاخون-

جاڳَرِ

جسم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تارُون
جادَو
پاپڙي 1
جاذ
جسم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون