جارج ايليٽ

جارج ايليٽ

جارج ايليٽ

جارج ايليٽ (George Eliot ):انگريزي زبان جي خاتون ناول نگار، جارج اليٽ جو اصل نالو مئري ائني ايونس هو، جنهن 22 نومبر 1819ع ۾ انگلنڊ ۾ جنم ورتو. هواءَ اعليٰ پائي جي ناول نگار ۽ ليکڪا هئي. ان وقت انگلنڊ جي معاشري ۾ ليکڪ عورتن کي مڃتا نہ ملڻ جي ڪري هن پنهنجو نالو بدلائي لکيو. هن 7 ناول لکيا، جن مان هيٺان قابل ذڪر آهن:

(1) The Mill on the Floss،

(2) Middle March، (3) Daniel Deronda ۽ (4) Adam Bede.

جارج ايليٽ جي تحريرن ۾ حقيقت پسندي ۽ نفسياتي گهرائي موجود آهي. مَئري ائني ايوَنس، رابرٽ ايونس جو ٽيون ٻار هئي. هوءَ تمام گهڻي ذهين هئي. هن جا ناول يوناني ادب تي مبني هئا. هن شروعاتي زندگيءَ ۾ تعليم مشھور عورتن جي اداري (Royal Holloway College, Survey) مان ورتي، جنهن کي هاڻي يونيورسٽيءَ جو درجو حاصل آهي.

ماءُ جي وفات کان پووءِ هوءَ گهر موٽي آئي، ديهي معاشري کي ويجهو رهڻ ڪري کيس نوان تجربا حاصل ٿيا، اتي هن جي دوستي‘Charles Bray’ سان ٿي، جيڪو انسان دوست ماڻهو هو ۽ خير جي ڪمن ۾ گهڻو اڳتي هو. هو نوان اسڪول قائم ڪندو۽ ٻيون عوامي ڀلائي جون خدمتون ڪندو رهندو هو. جارج ايلئيٽ مذهب کي شڪ جي نگاھہ سان ڏسندي هئي، ان ڪري ‘Charles Bray’ جي گهري دوست ٿي.





لفظ جارج ايليٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

22.11.1819  عيسوي

جارج ايليٽ ( George Eliot ) : انگريزي زبان جي خاتون ناول نگار ، جارج اليٽ جو اصل نالو مئري ائني ايونس هو ، جنهن 22 نومبر 1819ع ۾ انگلنڊ ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ارنيسٽ ٽرمپ
تاجو سامٽيو
شير بخشو
شمس الحسن سيد
خالد شمس الحسن
سُھندي برهمڻ
باقر شاھہ صوفي
شيما ڪرماني
عدر سلطان ميان
در محمد گائنچو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون